Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 3:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن جيڪي خداوند کان ڊپ رکڻ وارا هئا تن پاڻ ۾ گفتگو ڪيو، جيڪو خداوند ٻڌي ورتو. پوءِ خداوند جي حضور ۾ انهن جي يادگيريءَ لاءِ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ انهن خداوند جو خوف رکندڙن ۽ کيس تعظيم ڏيندڙن جا نالا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 3:16
64 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.


۽ اخي آب پنهنجي گهر جي داروغي عبدياہ کي سڏيو. (هاڻي عبدياہ خداوند کان گهڻو ڊڄندو هو:


هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي.


اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)


۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ ڪئي ويئي، ۽ معلوم ٿيو تہ اها سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي هڪڙي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيائون: ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي روبرو تواريخ جي ڪتاب ۾ لکي ويئي.


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.


بدڪار پنهنجي مغرور چهري سان ظاهر ٿو ڪري تہ هو نٿو ڳولي؛ هن جا سڀ خيال هي آهن، تہ خدا آهي ئي ڪونہ.


جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي حضور ۾ گيت ڳائيندس: جيسين آءٌ حيات آهيان تيسين خدا جي تعريف ڳائيندو رهندس.


خداوند جي ڊپ دانائيءَ جي شروعات آهي؛ جيڪي هن جي حڪمن کي مڃين ٿا سي سمجهو آهن: سندس تعريف هميشہ تائين ٿيندي رهندي.


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ننڍا توڙي وڏا، تن کي هو برڪت ڏيندو.


جيڪي توکان ڊڄن ٿا، ۽ تنهنجن قاعدن تي عمل ٿا ڪن، تن سڀني جو آءٌ ساٿي آهيان.


ڇو جو اي خداوند منهنجي وات ۾ اهڙو ڪو لفظ ڪونهي، جنهن جي توکي پوري خبر نہ هجي.


خداوند انهن کان راضي ٿو ٿئي جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، ۽ سندس رحم تي اُميد ٿا رکن.


ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.


ڪي جنگي گاڏين تي ڪي گهوڙن تي ڀروسو ٿا رکن: پر اسين خداوند پنهنجي خدا جو نالو ياد ڪنداسين.


ڏسو جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ۽ هن جي رحمت ۾ اميد ٿا رکن، تن تي سندس نظر آهي؛


خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.


تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟


جنهن ڏينهن آءٌ پڪاريندس تنهن ڏينهن منهنجا دشمن پٺ تي هٽندا: اها مون کي خبر آهي تہ خدا منهنجي پاسي آهي.


اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس.


جڏهن منهنجي دل ۾ گهڻو فڪر ٿو ٿئي، تڏهن تنهنجي دلاسي جي ڪري منهنجي جان خوش ٿي ٿئي.


هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ.


ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.


جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.


هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.


ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس،


يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.


مون ڌيان ڏئي ٻڌو، پر هنن سچ نہ ڳالهايو: ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرارت کان پشيمان نٿو ٿئي، ۽ نٿو چوي تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ سڀڪو پنهنجي رستي ڏانهن ٿو ڦري جيئن ڪو گهوڙو جنگ ۾ ڏاڍي ڇوهہ سان ڊوڙندو آهي.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


هن جي اڳيان هڪڙي آتشي نهر نڪري وهيو ٿي آئي: هزارن جا هزار هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ مشغول هئا، ۽ لکن جا لک هن جي اڳيان بيٺا هئا: عدالت پئي هلي، ۽ ڪتاب کليا رکيا هئا.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


سا بہ اوڏيءَ مهل آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين، ۽ جيڪي يروشلم جي ڇوٽڪاري لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، تن سڀني سان هن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳي.


۽ جڏهن اتي پهتا، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي چڙهي ويا، جتي پطرس، ۽ يوحنا، ۽ يعقوب، ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ توما، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ حلفي جو پٽ يعقوب، ۽ شمعون زلوتيس، ۽ يعقوب جو پٽ يهودا، اهي سڀيئي رهندا هئا.


هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.


هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا.


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


۽ اوهين پاڻ ۾ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو ۽ پنهنجي دل سان خداوند جي لاءِ ڳايو ۽ وڄايو.


تنهنڪري هڪٻئي کي همتايو، ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جا باعث ٿيو، جيئن ڪ اڳيئي پيا ڪريو.


اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.


۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛


خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛


جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي:


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ