Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 3:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اوهين هي بہ چئو ٿا تہ ’ڪافر ماڻهو نيڪ‌بخت آهن، بدڪار ماڻهو وڌن ويجھن ٿا ۽ انحرافي ڪرڻ کان پوءِ بہ سزا کان بچي ٿا وڃن.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 3:15
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


جتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، ۽ چاليهہ ورهيہ منهنجا ڪم ڏٺائون.


پوءِ هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري بادشاهي پوشاڪ ڍڪي تخت تي اچي ويٺو، ۽ سندن اڳيان هڪڙي تقرير ڪيائين.


تنهن تي پطرس چيس تہ اوهان خداوند جي روح کي آزمائڻ لاءِ ٻَڌي ڇو ڪئي آهي؟ ڏس، جيڪي تنهنجي مڙس کي دفن ڪري آيا آهن، تن جا پير اڃا در تي آهن، سي توکي بہ ٻاهر کڻي ويندا.


تڏهن بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي هو داني ايل کي وٺي آيا ۽ کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائونس. هاڻي بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو، تہ تنهنجو خدا، جنهن جي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو توکي بچائيندو.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟


شرير خراب ماڻهن جو ڄار چاهي ٿو: پر سچي جي پاڙ ڦر پيدا ڪري ٿي.


پر اهي بيابان ۾ ڏاڍيون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ رڻ پٽ ۾ خدا کي آزمايائون.


جڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، منهنجو امتحان ورتو، ۽ منهنجي ڪم کي بہ ڏٺو.


تڏهن بہ انهن خدا تعاليٰ کي آزمايو ۽ هن جي برخلاف فساد ڪيائون، ۽ هن جي شاهدين کي نہ مڃيائون.


پوءِ بہ انهن موٽي خدا کي آزمايو، ۽ اسرائيل جي قدوس کي ناراض ڪيائون.


انهن پنهنجي دل ۾ خدا کي آزمايو، ڇو تہ پنهنجي خواهش موجب کاڌو گهريائون.


انهن بڇڙن کي ڏسو؛ اهي سدائين آرام ۾ ٿا رهن، ۽ خزانو پيا وڌائين.


جيتوڻيڪ هو پنهنجي جيئري پنهنجيءَ جان کي مبارڪ چوندو هو، (۽ جڏهن تون پنهنجو ڀلو ٿو ڪرين تڏهن ماڻهو تنهنجي تعريف ٿا ڪن،)


ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري.


جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين.


تہ خراب ماڻهو مصيبت جي ڏينهن لاءِ رکيو ويو آهي؟ ۽ غضب جي ڏينهن لاءِ اُهي بچايا ٿا وڃن؟


چورن جا تنبو آسائش ۾ آهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن؛ انهن جي هٿن ۾ خدا گهڻو ئي موجود ڪري ڏئي ٿو.


انهيءَ هوندي بہ هامان پاڻ کي روڪيو، ۽ گهر هليو ويو؛ ۽ ماڻهو موڪلي پنهنجن دوستن کي، ۽ پنهنجيءَ زال زرش کي گهرايائين.


نڪي اسان کي خداوند جي آزمائش وٺڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ورتي، ۽ پوءِ نانگن ڏنگي چٽ ڪين.


اوهين دل ۾ بڇڙائي ٿا رٿيو؛ ۽ زمين تي پنهنجن هٿن جو ظلم توري ويٺا ڏيو.


منهنجيءَ دل کي ڪنهن خراب ڳالهہ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بدڪارن سان گڏجي بڇڙائي ڪريان ۽ انهن جي لذيذ طعام مان ڪجهہ کاوان.


هڪڙو بيهودو ڪم آهي جو زمين تي ڪرڻ ۾ ٿو اچي؛ اُهو هي آهي تہ ڪي اهڙا سچا ماڻهو آهن جن جو شريرن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي؛ وري ڪي اهڙا شرير ماڻهو آهن، جن جو سچن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي: مون چيو اها بہ بيهودگي آهي.


انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟


انهيءَ سڀ ۾ ايوب گناهہ نہ ڪيو، نڪي بي عقلي ڪري خدا کي مهڻو ڏنائين.


ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ