Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 3:12 - Sindhi Bible

12 ۽ سڀ قومون اوهان کي خوشنود چونديون، ڇالاءِ جو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 سموريون قومون اوهان کي نيڪ‌بخت سڏينديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهان جو ملڪ هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 3:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ گهڻن ماڻهن يروشلم جي خداوند لاءِ نذرانا، ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي لاءِ قيمتي شيون آنديون: جنهنڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي سڀني قومن جي نظر ۾ جلال وارو ٿيو.


هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.


۽ انهن جو نسل قومن ۾ مشهور ٿيندو، ۽ انهن جو اولاد اُمتن ۾: جيڪي انهن کي ڏسندا سي سڀ قبول ڪندا تہ هي اهو نسل آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.


تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.


۽ هو انهي تجمل واري زمين ۾ بہ گهڙندو، ۽ گهڻن ملڪن کي بہ فتح ڪندو: پر اهي سندس هٿان ڇڏايا ويندا، يعني، ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون جا مکيہ ماڻهو.


۽ انهن مان هڪڙي منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو، جو وڌندو وڃي تمام وڏو ٿيو، ۽ اُنهي جو رخ ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن، ۽ انهي شانائتي زمين ڏانهن هو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي برخلاف اوهان جون ڳالهيون تمام سخت آهن، تہ بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؟


ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي ٻانهيءَ جي نماڻائيءَ تي نظر ڪئي آهي. جو ڏس اڄ کان وٺي سڀ ڪنهن زماني جا ماڻهو مون کي مبارڪ ڪري ڪوٺيندا.


اهو ملڪ جنهن کي خداوند تنهنجو خدا سنڀالي ٿو؛ ۽ سال جي شروعات کان وٺي سال جي پڇاڙيءَ تائين، خداوند تنهنجي خدا جي نظر سدائين انهي تي ٿي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ