Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 2:5 - Sindhi Bible

5 هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 شروعات ۾ مون پنهنجي عهد ۾ اوهان جي وڏن جون زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ سلامتي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهي مون کين انهيءَ لاءِ عطا ڪيون تہ جيئن اهي شڪرگذاريءَ سان منهنجي بندگي ڪندا رهن. سچ پچ تہ هنن ائين ئي ڪيو ۽ منهنجي تعظيم بہ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 2:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تہ اي خدا تو منهنجون مڃتائون ٻڌيون آهن: ۽ جيڪي تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا تن جهڙي ميراث مون کي ڏني اٿيئي.


جيڪو سنئون سڌو هلڻ وارو آهي سو خداوند کان ڊڄي ٿو: پر جيڪو ڏنگن رستن وارو آهي سو ان کي ڌڪاري ٿو.


۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس: اُهو هنن سان مدامي عهد اقرار ٿيندو؛ ۽ آءٌ هنن کي اُتي رکندس ۽ وڌائيندس، ۽ پنهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ هنن جي وچ ۾ قائم ڪندس.


۽ جڏهن هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي پٽ فينحاس، هي ڏٺو، تڏهن هو جماعت منجهان اُٿيو ۽ پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيائين؛


۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.


تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان.


انهي کان پوءِ لاوي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين، ۽ تون انهن کي پاڪ ڪري لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ