Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 2:3 - Sindhi Bible

3 ڏسو، آءٌ اوهان جي خاطر ٻج کي ڇينڀيندس، بلڪ اوهان جي قربانين جو ڇيڻو اوهان جي منهن تي پکيڙيندس؛ ۽ اوهين اُنهي سان هڪاليا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ياد رکو، منهنجي اها لعنت اوهان جي نسلن تائين اوهان تي پوندي رهندي. آءٌ اوهان جي قربان ڪيل جانورن جو اوجھہ اوهان جي منهن تي ملي ڇڏيندس. اوهين انهيءَ ڇيڻي سان گڏ منهنجي حضور کان ٻاهر گند ڪچري واري جاءِ ۾ اڇلايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 2:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، آءٌ يربعام جي گهراڻي تي خرابي آڻيندس، ۽ يربعام کان سڀ ڪو ڇوڪر وڍي ڇڏيندس، جو اسرائيل ۾ غلام آهي يا آزاد ڇڏيل آهي، ۽ آءٌ يربعام جي گهر کي بلڪل ٻهاري ڇڏيندس جيئن ڪو گند ٻهاري، اهڙو جو سارو گم ٿي ويندو.


تہ بہ هو پنهنجي گونهن وانگر هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندو: جن هن کي ڏٺو آهي سي چوندا تہ هو ڪٿي آهي؟


خداوند بلند آواز سان، ۽ خداوند تريءَ جي آواز سان مٿي چڙهيو آهي.


جي عين دور ۾ تباهہ ٿي ويا؛ اهي ڄڻ تہ زمين جو ڀاڻ ٿي پيا.


پر وهڙي جو گوشت، ۽ سندس کل ۽ ڇيڻو، تون منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏج: اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


ٻني ويران ٿي ويئي آهي، ملڪ ماتم ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اَن زيان ٿيو آهي، نئون شراب سُڪي ويو آهي، تيل گهٽجي ويو آهي.


ٻج مٽيءَ جي ڀترن هيٺان سڙي ڪِنو ٿو ٿئي؛ اَن جا انبارخانا ويران پيا آهن، ڀنڊار ڀڳا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو فصل سُڪي ويو آهي.


تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا.


۽ آءٌ توتي ڪراهت جهڙي گندگي اُڇلائي وجهندس، ۽ توکي بڇڙو ڪندس، اهڙو جو جهان پيو توکي تڪيندو.


انهي ڪري جيئن اوهين منهنجين راهن تي نہ هليا آهيو، ۽ عدالت ۾ پاسخاطري ڪئي اٿوَ؛ تيئن مون بہ اوهان کي نفرت جو سبب، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان نيچ ڪيو آهي.


پوءِ نہ اُهو زمين جي ڪم جو ٿيو نہ ڀاڻ جي ڪم جو، پر کنيو ڦٽو ڪنس. جنهن کي ڪَن هجن، سو ٻُڌي.


جڏهن اسان جي بدنامي ٿا ڪن، اسين منٿ زاري ٿا ڪريون؛ اسين هن وقت تائين جهان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جي ٻهر وانگر پيا ليکجون.


تون گهڻو ٻج ٻنيءَ ۾ کڻي ويندين، پر ٿورو فصل گڏ ڪندين؛ ڇالاءِ جو مڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ