Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 2:17 - Sindhi Bible

17 اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 2:17
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو شخص حق کي ڌڪاري ٿو سو ڪو حڪمراني ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو انصاف وارو ۽ طاقتمند آهي تنهن کي تون الزام ڏيندين ڇا؟


جي ايوب جي پڇاڙيءَ تائين آزمائش ٿئي تہ چڱو، ڇالاءِ جو هو شرير ماڻهن جهڙو جواب ڏئي ٿو.


پر تون شريرن جي مقدمي سان ڀريل آهين: تنهنڪري عدالت ۽ انصاف توکي پڪڙين ٿا.


زمين شريرن جي هٿ ۾ ڏني ويئي آهي: هو انهنجي منصفن جا منهن ڍڪي ڇڏي ٿو. جي اُهو ناهي تہ تڏهن ٻيو ڪير آهي؟


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


منهنجو روح اوهان جن نون چنڊن کي ۽ اوهان جن مقرر ڪيل عيدن کي ڌڪاري ٿو: اهي منهنجي لاءِ تڪليف آهن: آءٌ انهن کان بيزار آهيان ۽ اهي برداشت ڪري نٿو سگهان.


انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟


تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.


انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان.


تو منهنجي لاءِ پئسا خرچي لوبان ڪونہ ورتو، نڪي تو مون کي پنهنجي قربانيءَ جي چرٻيءَ سان ڍءُ ڪرايو: پر تو پنهنجن گناهن جو بار مون تي وڌو، ۽ پنهنجن ڏوهن سان مون کي ٿڪائي ڇڏيو.


۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟


اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟


خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان.


ڏس، هو مون کي ٿا چون تہ خداوند جو ڪلام ڪٿي آهي؟ ڀلي اهو هينئر اچي.


جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


تو پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ تو مون کي رنج ڪيو آهي، تنهنڪري ڏس خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ تنهنجي راهہ تنهنجي مٿي تي آڻيندس ۽ تون اها شهوت پرستي نہ ڪندينءَ جا تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان مٿي آهي.


انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا هاڻي ٻڌو: منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟


تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بزرگ پنهنجن پنهنجن بُتن جي ڪوٺين ۾ اونداهيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن؟ ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند اسان کي نٿو ڏسي؛ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اسرائيل ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو گناهہ تمام وڏو آهي، ۽ ملڪ خون سان ۽ شهر بي انصافي سان ڀريو پيو آهي: ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ خداوند ڏسي نٿو.


ڏسو، آءٌ اوهان کي اوهان جي جاءِ تي ائين چپيندس جيئن ڪا گڏن سان ڀريل گاڏي چپيندي آهي.


انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.


تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.


ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾.


اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.


ايتري گهڻي مغروريءَ سان وڌيڪ نہ ڳالهايو؛ پنهنجي وات مان گستاخي نڪرڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند ئي علم جو خدا آهي، ۽ اُهو ئي عمل توريندڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ