Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 2:11 - Sindhi Bible

11 يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اوهان يهوداہ وارن خداوند سان بي‌وفائي ڪندي يروشلم ۾ ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هائو، اوهان غير معبودن سان تعلق جوڙي خداوند جي پاڪ ۽ پياري گھر جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 2:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عيلام جي پٽن مان هڪڙي، سڪنياہ بن يحئيل، ورندي ڏيئي عزرا کي چيو تہ، اسان پنهنجي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، ۽ ملڪ جي غير قومن مان ڌاريون زالون پرڻيا آهيون: تڏهن بہ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ اڃا اسرائيل جي لاءِ اُميد آهي.


تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي نہ ڏجو، نڪي پنهنجن پٽن لاءِ هنن جون ڌيئرون وٺجو، ۽ نہ ڪڏهن هنن جي سلامتي ۽ هنن جو سک ڳولجو: تہ اوهين مضبوط ٿيو، ۽ انهيءَ زمين جي چڱي پيدائش کائو، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري اُها ڇڏي وڃو.


پوءِ اهي بعل فغور جي پوڄا ۾ شامل ٿيا، ۽ مئلن جون قربانيون کائڻ لڳا.


اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ، ۽ سندس فصل جو پهريون ڦر هو: جيڪي انهي کي ڳڙڪائيندا سي ڏوهاري ٺهرائڻ ۾ ايندا؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهن تي مصيبت ايندي.


۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.


۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟


وياج تي پئسا ڏنا هوندائين ۽ وڌيڪ ورتو هوندائين: سو ڪو جيئندو ڇا؟ اُهو ڪڏهن نہ جيئندو: جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن: اُهو ضرور مرندو؛ انهي جو خون سندس مٿان آهي.


۽ هڪڙي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان بڇڙو ڪم ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي پنهنجي ننهن کي شهوت جي رستي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي وري پنهنجي ڀيڻ، يعني پيءُ جي ڌيءَ کي خراب ڪيو آهي.


پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.


۽ اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آهيان، ۽ اوهان کي قومن مان چونڊي ڌار ڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.


خداوند وٽان ملاڪيءَ جي معرفت اسرائيل جي لاءِ نبوت جو بار.


ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


۽ انهن جي ڌيئرن سان هو پرڻيا، ۽ پنهنجون ڌيون انهن جي پٽن کي ڏنائون، ۽ انهن جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ