Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 2:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي اي ڪاهن، اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 2:1
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس.


اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.


اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ