تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.