Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 1:7 - Sindhi Bible

7 اوهين منهنجي قربانگاهہ تي ناپاڪ ماني ٿا چاڙهيو، ۽ چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ توکي ناپاڪ ڪيو آهي؟ انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز نفرتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي ناپاڪ نذرانا ٿا پيش ڪريو. تنهن هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ’اسان ڪهڙيءَ طرح تنهنجي گستاخي ڪئي آهي؟‘ اوهين مون خداوند جي قربان‌گاهہ کي حقير ڄاڻي منهنجي بي‌ادبي ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 1:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قربانگاهہ ڪاٺ جي هئي، ۽ ٽي هٿ اوچي ۽ ٻہ هٿ ڊگهي هئي؛ ۽ انهي جون ڪُنڊون ۽ انهي جي ڊيگهہ، ۽ انهي جون ڀتيون ڪاٺ جون هيون: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها ميز آهي جا خداوند جي اڳيان آهي.


هو ڀلي منهنجي پاڪ مڪان ۾ گهڙي اچن ۽ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ منهنجي ميز کي ويجها اچن، ۽ منهنجين شين جي سنڀال ڪن.


جيڪا بہ کاڌي جي قرباني، اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪريو، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي: ڇالاءِ جو اوهين ڪوبہ خمير، يا ماکي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ ۾ نہ ساڙجو.


هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ رهن، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: ڇالاءِ جو هو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون ٿا چاڙهين، جي سندن خدا جي خوراڪ آهن: تنهنڪري هو پاڪ رهن.


تنهنڪري تون انهي کي پاڪ ڄاڻ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ٿو ڪري: اهو تنهنجي لاءِ پاڪ رهندو: ڇوتہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.


پر اوهين اُنهيءَ جي بي ادبي ٿا ڪريو، جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز ناپاڪ آهي، ۽ انهي جو ڦل يعني انهي جو گوشت نفرتي آهي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟


اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو.


۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ