Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 1:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اوهان جون اکيون ڏسنديون، ۽ اوهين چوندا تہ خداوند جي وڏائي اسرائيل جي حد کان ٻاهر تائين ظاهر ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 بني اسرائيل پنهنجين اکين سان اهو ٿيندي ڏسندا ۽ پوءِ مڃيندا تہ ”خداوند جي عظمت اسرائيل ملڪ جي سرحد کان ٻاهر بہ ظاهر آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 1:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ يهوداہ ۽ يروشلم تي هئي، ۽ هن انهن کي هيڏي هوڏي اُڇلايو ۽ رلايو آهي، تہ حيرت ۽ نفرت پيدا ڪن، جيئن اوهين پنهنجين اکين سان ڏسو ٿا.


۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.


۽ آءٌ پنهنجي وڏائي ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس، ۽ گهڻين قومن جي نظر ۾ پاڻ کي مشهور ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ جيڪي اسرائيل جي شهرن ۾ رهن ٿا سي نڪري ويندا، ۽ هٿيارن کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ سپرون ۽ ڍالون، ۽ ڪمانون ۽ تير، ۽ لٺيون ۽ نيزا، انهن سان ستن سالن تائين پيا باهيون ٻاريندا.


۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.


پر اوهان خداوند جا اهي سڀ وڏا ڪم پنهنجين اکين سان ڏٺا.


بعل فغور جي ڪري جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ڇالاءِ تہ جن ماڻهن بعل فغور جي پيروي ڪئي، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.


۽ جڏهن هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن هن اوهان جي ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي وڌي، ۽ سمنڊ انهن جي مٿان آندائين، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيائين؛ ۽ جيڪي مون مصر ۾ ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ۽ اوهين گهڻا ڏينهن بيابان ۾ رهيا پيا هئا.


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، ۽ هيءُ وڏو ڪم ڏسو جو خداوند اوهان جي اکين اڳيان ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ