Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 1:13 - Sindhi Bible

13 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 1:13
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ اروناہ کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون سوختنيون قربانيون نہ چاڙهيندس جن لاءِ مون ڪجهہ ڪين خرچيو هجي. پوءِ دائود اهو ڳاهڻ وارو پڙ ۽ ڏاند، چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل ڏيئي ورتا.


جڏهن اوهين منهنجي اڳيان اچي پاڻ ڏيکاريو ٿا تڏهن ڪنهن اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو آهي تہ منهنجا ايوان لتاڙيو؟


وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند عدالت کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ڦرمار ۽ بي انصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان: آءٌ انهن کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ آءٌ انهن سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس منهنجو روح ناپاڪ نہ ٿيو آهي: ڇالاءِ جو ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي پاڻهي ئي ٿو مري، يا جيڪي مرن ڦاڙي ڇڏيو آهي، تنهن مان ڪڏهن بہ نہ کاڌو اٿم؛ ۽ نڪو حرام گوشت منهنجي وات ۾ پيو آهي.


جيڪا شيءِ پاڻ ئي مري، يا ڦاڙيل هجي، خواهہ جانور، خواهہ پکي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ بہ نہ کائين.


اي اسرائيل، اها تنهنجي تباهي آهي، ڇالاءِ جو تون منهنجي، يعني پنهنجي مددگار جي برخلاف ٿيو آهين.


جيڪو جانور پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، سو کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري: آءٌ خداوند آهيان.


تہ پوءِ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيو هجي، تہ جيڪي ڦريو هجيس، يا جيڪي ظلم سان ورتو هجيس، يا جيڪا امانت وٽس رکيل هجي، يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي هجيس، سا موٽائي ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي:


۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟


اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو.


شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.


خداوند، اُنهي ماڻهوءَ کي، جو اهڙو ڪم ٿو ڪري، وڍي ڇڏيندو، يعني جيڪو يهوداہ جي تنبن ۾ جاڳندڙ آهي ۽ جواب ڏئي ٿو، ۽ جيڪو لشڪرن جي خداوند لاءِ نذرانو ٿو پيش ڪري.


۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.


۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج.


سو منهنجي قرباني ۽ منهنجو نذرانو، جنهن جي لاءِ مون حڪم ڪيو آهي تہ منهنجي گهر ۾ پيش ٿيندا رهن، تنهن کي لتون ڇو ٿا هڻو؛ ۽ تون پنهنجن پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏين، انهي لاءِ تہ هو منهنجي قوم اسرائيل جي سڀني قربانين مان جيڪي مکيہ آهن تن جو سڻڀ کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ