Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 1:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 1:11
65 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند وڏو آهي ۽ تعريف جي لائق آهي: سڀني معبودن کان زيادہ کانئس ڊڄڻ گهرجي.


هن پنهنجي اُمت جي لاءِ ڇوٽڪارو موڪليو؛ ۽ پنهنجو عهد هميشہ جي لاءِ مقرر ڪيو اٿس: هن جو نالو پاڪ ۽ ادب جي لائق آهي.


سج جي اُڀرڻ کان وٺي انهي جي لهڻ تائين، خداوند جي تعريف ٿئي.


هائو، اهي خداوند جي واٽن جو گيت ڳائيندا؛ ڇو جو خداوند جو جلال عظيم آهي.


شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.


منهنجي وسيلي سڀني پيڙهين ۾ تنهنجو نالو ياد رهندو: انهي ڪري قومون هميشہ تنهنجا ٿورا مڃينديون.


اي خداوند جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف زمين جي ڇيڙي تائين پيئي ٿئي: تنهنجو ساڄو هٿ سچائيءَ سان ڀرپور آهي.


تنهنجن فيصلن جي ڪري ڀلي تہ صيون جبل خوشيون ڪري، ۽ يهوداهہ جون ڌيئرون خوش ٿين.


خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.


تون مهر جي نظر ڪري زمين کي ريج ٿو ڏين، تون انهي کي سائو ٿو ڪرين؛ خدا جي ندي پاڻيءَ سان ڀرپور آهي: تون اهڙيءَ طرح زمين کي تيار ڪري انهن کي ان ٿو پهچائين.


تہ تنهنجي واٽ زمين تي ظاهر ٿئي، ۽ سڀني قومن کي تنهنجي نجات جي خبر پوي.


اي خداوند جيڪي قومون تو پيدا ڪيون آهن سي سڀ اچي تنهنجي حضور ۾ سجدو ڪنديون؛ ۽ تنهنجي نالي جي تمجيد ڪنديون.


خداوند جي نالي جي لائق سندس جلال جي تعريف ڪريو: نذرانا کڻي سندس درگاهہ ۾ اچو.


۽ انهي ڏينهن اوهين چوندا تہ خداوند جا شڪر بجا آڻيو، هن جو نالو وٺي سڏيو، قومن جي وچ ۾ هن جا ڪم ظاهر ڪريو، ۽ اهو ذڪر ڪريو تہ هن جو نالو بزرگ آهي.


خداوند جي تعريف ڳايو؛ ڇالاءِ جو هن تمام عمدا ڪم ڪيا آهن: ڀلي تہ اها ڳالهہ ساري زمين تي مشهور ٿئي.


۽ خداوند مصر ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندو، ۽ اُنهي ڏينهن مصري خداوند کي سڃاڻندا؛ هائو هو قربانيءَ سان ۽ نذراني سان سجدو ڪندا، ۽ خداوند جي لاءِ مڃتائون مڃيندا، ۽ اهي پوريون ڪندا.


ڏسو، خداوند جو نالو غصي جي باهہ ۽ گهاٽي دونهين سان، پري کان ٿو اچي: هن جا چپ ڪاوڙ سان ڀريل آهن، ۽ هن جي زبان تباهہ ڪندڙ باهہ وانگي آهي.


انهي لاءِ تہ اُڀرندي کان اُلهندي تائين اهي ڄاڻن تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪونهي: آءٌ خداوند آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.


ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.


تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي.


ڇالاءِ جو آءٌ انهن جا ڪم ۽ انهن جا خيال ڄاڻان ٿو: اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ سڀني قومن ۽ ٻولين وارن کي گڏ ڪندس؛ اُهي سڀ ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسندا.


اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ تون وڏو آهين، ۽ تنهنجو نالو بہ قدرت جي ڪري وڏو آهي.


اي قومن جا بادشاهہ، ڪير تو کان نہ ڊڄندو؟ ڇالاءِ جو اهو توکي ئي ٿو جُڳائي: ڇالاءِ جو قومن جي سڀني ڏاهن ماڻهن ۾ ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.


انهي لاءِ تہ جي منهنجي نالي تي سڏجن ٿا سي ادوم جي باقي بچيل حصي جا ۽ سڀني قومن جا هو مالڪ ٿين؛ خداوند، جيڪو اهو سڀ ڪري ٿو، سو ائين ٿو فرمائي.


۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس:


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين.


۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اُڀرندي ۽ اُلهندي کان ايندا، ۽ آسمان جي بادشاهت ۾ ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ اچي ويهندا.


۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري.


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي.


تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو.


تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو هر ڪنهن هنڌ، ڪاوڙ ۽ تڪرار کانسواءِ، پاڪ هٿ کڻي دعا ڪن.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ