Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ملاڪيءَ 1:10 - Sindhi Bible

10 شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ملاڪيءَ 1:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هيئن ٿيو تہ يهوآس بادشاهہ جي ٽيويهين ورهيہ تائين ڪاهنن گهر جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي هئي.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


خداوند پنهنجي قوم بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هي بہ اُنهيءَ طرح رلڻ پسند ٿا ڪن؛ هنن پنهنجن پيرن کي نہ روڪيو آهي: تنهن ڪري خداوند هنن کي قبول نٿو ڪري؛ هاڻي هو هنن جي بدڪاري ياد ڪندو، ۽ هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.


سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن.


هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟


خداوند، اُنهي ماڻهوءَ کي، جو اهڙو ڪم ٿو ڪري، وڍي ڇڏيندو، يعني جيڪو يهوداہ جي تنبن ۾ جاڳندڙ آهي ۽ جواب ڏئي ٿو، ۽ جيڪو لشڪرن جي خداوند لاءِ نذرانو ٿو پيش ڪري.


۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.


جيڪو مزور آهي ۽ نہ ريڍار، جو رڍن جو ڌڻي نہ آهي، سو بگهڙ کي ايندو ڏسي رڍن کي ڇڏي ڀڄي ٿو وڃي ۽ بگهڙ اُنهن کي جهلي ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏين.


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟


هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو.


پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“


خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ