Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:51 - Sindhi Bible

51 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سندس مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجها آيا، تڏهن پڪو ارادو ڪري يروشلم ڏانهن رخ رکيائين تہ اوڏانهن وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

51 جڏهن يسوع جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

51 जड॒ऐं येशुअ जे स्वर्ग॒अ में खणाएजी वञण जा डी॒ंहं वेझा आया, त हुन यरूशलेम वञण जो पको इरादो कयईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

51 جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:51
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو ڳالهائيندا هليا ٿي ويا تيئن ڏس، هڪڙو باهہ جو رٿ، ۽ باهہ جا گهوڙا ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو؛ ۽ ايلياہ هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن چڙهي ويو.


سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان!


۽ هو شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو، يروشلم ڏانهن سفر ڪندو پئي ويو.


۽ هيئن ٿيو، تہ يروشلم ڏانهن ويندي هو سامريہ ۽ گليل جي وچان اچي لنگهيو.


۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون.


۽ هنن اهي ڳالهيون پئي ٻُڌيون، تہ هڪڙو مثال بہ ڏنائين ڇو جو هو يروشلم کي اچي ويجهو ٿيو هو، ۽ ڇالاءِ جو هو ائين سمجهي ويٺا هئا تہ خدا جي بادشاهت اِجها ٿي ظاهر ٿئي.


۽ جڏهن ائين چئي چڪو، تڏهن هو اڳتي وڌي يروشلم ڏانهن وڃڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو، جو برڪت ڏيندي هنن کان جدا ٿي آسمان ۾ کڄي ويو.


۽ اُهي واٽ وٺيو پئي ويا، تہ هڪڙي ماڻهوءَ چيس، تہ جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس.


هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.


آئون پيءُ منجهان نڪري دنيا ۾ آيو آهيان، وري دنيا ڇڏي پيءُ وٽ ٿو وڃان.


پر هاڻي آئون انهيءَ وٽ ٿو وڃان، جنهن مون کي موڪليو آهي؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ ڪونہ ٿو پڇيم تہ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟


۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.


ڀلا جيڪڏهن ابن آدم کي اوڏانهن چڙهي ويندو ڏسو، جتي هو اڳيئي هو، تہ پوءِ ڪيئن؟


تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.


۽ اڃا ايترو چيائين، ۽ هنن بيٺي نهاريو، تہ هو مٿي کڄي ويو؛ ۽ هڪڙي ڪڪر جي ڪري سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


جا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن هن کي مُئلن مان جياري، آسماني جاين ۾ پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين،


۽ انهي نشان ڏانهن ڪاهيندو ٿو وڃان، انهي لاءِ تہ اهو انعام حاصل ڪريان، جنهن لاءِ خدا مون کي مسيح يسوع ۾ اعليٰ درجي تي سڏيو آهي.


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ