Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جيڪي بہ ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ اُنهي شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ مٿن شاهدي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

5 जैं नगरअ जा मांणू तवां जी बु॒धण न चाहिन, त उतां निकरंदे वक़्त उते पांजे पेरन जी मिट्टी छंडे छड॒जो ताकि उनन जे मथां गवाही थे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جيڪي ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ انھيءَ شھر کان ٻاھر نڪري پنھنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاھدي قائم ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي.


هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي.


تہ جيڪو منهنجي نالي ههڙن ننڍڙن ٻارن مان هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري: ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي نہ پر انهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


تڏهن تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنهن سان بہ چپ نہ چورج، پر وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار، ۽ موسيٰ جي حڪم موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ نذرانو ڏي، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ جنهن گهر ۾ وڃو، اُتي ئي ٽڪي پئجو، ۽ اُتان ئي روانا ٿجو.


۽ هنن کي چيائين، تہ جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو مون کي قبول ڪندو، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان سڀني ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو ٿيندو.


پر هو پنهنجن پيرن جي مٽي مٿن ڇنڊي، اڪونيم ۾ هليا ويا.


۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ