Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:31 - Sindhi Bible

31 جن جلال ۾ ڏيکاري ڏني، ۽ سندس لاڏاڻي بابت ڳالهيون پئي ڪيائون، جو يروشلم ۾ ٿيڻو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 جيڪي جوتي روپ ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هنن يسوع جي موت بابت پئي ڳالهايو جيڪو يروشلم ۾ ٿيڻو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 جيڪي نوراني صورت ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هنن عيسيٰ جي موت بابت پئي ڳالهايو جيڪو يروشلم ۾ ٿيڻو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

31 उहे ब॒ई स्वर्ग॒अ जी महिमा में डि॒सण आया ऐं उहे येशुअ खां इन बारे में चर्चा करे रया हुवा, के उहो कें तरीके सां परमेश्वरअ जे मकसदअ खे पांजी मौतअ जे द्वारा पूरो कंदो जेकी यरूशलेम शहेरअ में थ्यण वारी हुई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 جن جلال ۾ پئي ڏيکاري ڏني ۽ سندس موت بابت ڳالھايو پئي جو يروشلم ۾ ٿيڻو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ ابن آدم ضرور گهڻيون سختيون سهندو، ۽ بزرگ، ۽ سردار ڪاهن، ۽ فقيهہ کيس رد ڪري ۽ ماري وجهندا، ۽ هو ٽن ڏينهن کانپوءِ وري جي اُٿندو.


۽ ڏسو، ٻن ڄڻن پئي ساڻس ڳالهيون ڪيون، جي موسيٰ ۽ ايلياہ هئا؛


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


جڏهن مسيح، جو اسان جي زندگي آهي، سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ جلال ۾ ظاهر ٿيندا.


ايمان ئي جي ڪري جڏهن يوسف مرڻ تي هو، تڏهن بني اسرائيل جي خروج جو ذڪر ڪيائين؛ ۽ پنهنجين هڏين بابت حڪم ڏنائين.


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


۽ آئون اها ئي ڪوشش ڪندس تہ منهنجي لاڏاڻي کانپوءِ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگهو.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ