Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:20 - Sindhi Bible

20 ۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ تنهن تي پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ تون خدا جو مسيح آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 هن چيلن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون ايشور جو مسيح آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

20 येशुअ उनन खां पुछयईं, “परअ तवां मुंजे बारे में छाता चओ?” इन ते पतरसअ हुन खे चयो, “तूं परमेश्वरअ जो मसीह आईं।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مسيح بابت اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ اُهو ڪنهن جو پٽ آهي؟ هنن چيس، تہ دائود جو.


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


۽ جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪندا، تہ پوءِ ٻين کان وڌيڪ اوهان ڇا ڪيو؟ غير قومن وارا بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟


پر هو ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنائين. وري بہ سردار ڪاهن سوال پڇيس ۽ چيائينس تہ تون انهي سڳوري جو فرزند، مسيح آهين ڇا؟


هن کانئن پڇيو، پر اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ پطرس ورندي ڏيئي چيس تہ تون مسيح آهين.


جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي ٻُڌاءِ. پر هن چين تہ جي ٻُڌائيندوسانوَ تہ اوهين مڃيندا ئي ڪين؛


هنن جواب ڏيئي چيو تہ، ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ۽ ڪي تہ ايلياہ آهي، ۽ ڪي چون ٿا تہ آڳاٽن نبين مان ڪو هڪڙو وري جي اُٿيو آهي.


هن پهريائين پنهنجي سڳي ڀاءُ شمعون کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ اسان مسيح کي لڌو آهي (يعني ڪرستس کي).


نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.


هن چيو تہ هائو، اي خداوند، منهنجو ايمان آهي تہ مسيح، خدا جو فرزند، جو جهان ۾ اچڻ وارو آهي، سو تون آهين.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


اچو، هڪڙو ماڻهو تہ اچي ڏسو، جنهن سڀ جيڪي مون ڪيو آهي، سو مون کي ٻُڌايو اٿس: متان هيءُ مسيح تہ نہ آهي؟


۽ هو زال کي چوڻ لڳا تہ اسين جو هاڻي مڃون ٿا، سو تنهنجي چوڻ ڪري نہ، پر اسان پاڻ ٻُڌي خاطري ڪئي آهي، ۽ ڄاڻون ٿا تہ سچ پچ هي جهان جو نجات ڏيندڙ آهي.


۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ هيءُ مسيح آهي پر ڪن وري چيو تہ مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟


۽ کولي کولي دليل ڏيئي چيائين، تہ اِهو ضرور هو تہ مسيح ڏک سهي، ۽ مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿي؛ ۽ هي يسوع، جنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان، سو ئي مسيح آهي.


۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟


پر شائول ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو، ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا، تن کي مُنجهائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ اهوئي مسيح آهي.


جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ