Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:19 - Sindhi Bible

19 هنن جواب ڏيئي چيو تہ، ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ۽ ڪي تہ ايلياہ آهي، ۽ ڪي چون ٿا تہ آڳاٽن نبين مان ڪو هڪڙو وري جي اُٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 چيلن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين ايلياہ آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو جيوت ٿي اٿيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين الياس آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 चेलन येशुअ खे जवाब डि॒नो, कोई चहे तो “यूहन्ना बपतिस्मा डि॒यण वारो; परअ कोई त चहे तो एलिय्याह ऐं कोई त इंय बी तो चहे अग॒यन भविष्यवक्‍ताउन मां कोई हिक भविष्यवक्‍ता जी उथ्यो आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.


۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي؛ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ تنهنڪري هن جي هٿان هي معجزا ٿا ٿين.


انهن ڏينهن ۾ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ پٽ ۾ منادي ڪندو آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ


۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين.


پوءِ ٻين چيو، تہ اهو ايلياہ آهي، ۽ ڪن چيو تہ ڪو نبي آهي، يعني نبين مان هڪڙي جهڙو آهي.


پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻ نويڪلائيءَ ۾ دعا پئي گهريائين، ۽ شاگرد ساڻس هئا: تڏهن اُنهن کان پڇيائين تہ ماڻهو منهنجي نالي ڇا ٿا چون، تہ هي ڪير آهي؟


۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ تنهن تي پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ تون خدا جو مسيح آهين.


هنن پڇيس تہ تڏهن ڪير آهين؟ ڇا تون ايلياہ آهين؟ هن چيو تہ آئون اُهو نہ آهيان. ڇا تون اُهو نبي آهين؟ هن جواب ڏنو تہ نہ.


۽ اُنهن کانئس پڇيو ۽ چيائونس، تہ جي تون نہ مسيح آهين، نہ ايلياہ، ۽ نہ اُهو نبي، تڏهن بپتسما ڇو ٿو ڏين؟


تنهن تي ماڻهن مان ڪي اهي ڳالهيون ٻُڌي چوڻ لڳا، تہ هيءُ سچ پچ اُهو نبي آهي.


تڏهن وري انهي انڌي کي چوڻ لڳا تہ هن جو تنهنجيون اکيون کوليون آهن، تنهن جي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ هن چيو تہ هو نبي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ