Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻ نويڪلائيءَ ۾ دعا پئي گهريائين، ۽ شاگرد ساڻس هئا: تڏهن اُنهن کان پڇيائين تہ ماڻهو منهنجي نالي ڇا ٿا چون، تہ هي ڪير آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هڪ دفعي جڏهن يسوع اڪيلو پرارٿنا ڪري رهيو هو ۽ سندس چيلا ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رهيو هو ۽ سندس شاگرد ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

18 जड॒ऐं हिक डी॒ंह येशु अकेले में प्रार्थना करे रयो हो, त चेला बी हुन सां गड॒ हुवा उते येशुअ उनन खां पुछयईं, “मांणू मुंजे बारे में छाता चवन, के मां केर आयां?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماڻهن کي رواني ڪرڻ کانپوءِ، هو دعا گهرڻ لاءِ جبل تي اڪيلو چڙهي ويو ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو اُتي اڪيلو هو.


پوءِ يسوع هنن سان گڏجي گتسمني نالي هڪڙي هنڌ آيو، ۽ پنهنجن شاگردن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهو، جيسين ڪ آئون هوڏانهن وڃي دعا گهران.


۽ هيئن ٿيو تہ هن هڪڙي هنڌ ويٺي دعا گهري، ۽ جڏهن گهري چڪو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي اچي چيس، تہ اي خداوند، جيئن يوحنا پنهنجن شاگردن کي سيکاريو هو، تيئن تون بہ اسان کي دعا گهرڻ سيکار.


پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن سڀيئي ماڻهو بپتسما وٺي چڪا، تڏهن يسوع بہ بپتسما وٺي دعا پئي گهُري، تہ آسمان کُلي پيو،


۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.


هنن جواب ڏيئي چيو تہ، ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ۽ ڪي تہ ايلياہ آهي، ۽ ڪي چون ٿا تہ آڳاٽن نبين مان ڪو هڪڙو وري جي اُٿيو آهي.


۽ انهن ڳالهين کانپوءِ اٽڪل اٺ ڏينهن گذريا، تہ هيئن ٿيو جو پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب کي پاڻ سان گڏ وٺي هڪڙي ٽڪر تي دعا گهرڻ لاءِ ويو.


۽ دعا پئي گهُريائين، تہ سندس منهن جي شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ وڄ وانگر چمڪڻ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ