Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن پاڻ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري اُنهن تي برڪت گهُريائين، ۽ اُهي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو، تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آڪاش ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو چيلن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

16 येशुअ उन पंजअ रोटियुन ऐं बि॒न मछल्युन खे खयों ऐं स्वर्ग॒अ डा॒ं डि॒सी करे परमेश्वरअ जो धन्यवाद कयईं ऐं रोटिन खे तोडे़-तोडे़ चेलन खे डी॒ंदो वयो, के उहे मांणुन में विराईंदा वञन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ميڙاڪن کي حڪم ڏنائين تہ گاهہ تي ويهي وڃو: ۽ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي، آسمان ڏي نهاري، برڪت گهُري مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، ۽ شاگردن وري ماڻهن کي ڏنيون.


۽ هن اُهي ست مانيون ۽ ننڍيون مڇيون کڻي شڪر ڪري، ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنا، ۽ شاگردن وري اُهي ماڻهن کي ڏنا.


۽ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ کنيائين، ۽ هن کي چيائين تہ افتح، يعني کُلي پئُہ.


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين.


۽ اُنهن ائين ئي ڪري سڀني کي ويهاريو.


پوءِ اُنهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، ۽ جيڪي ٽڪر ٽيرا بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.


تڏهن يسوع اُهي مانيون وٺي شڪر ڪري، جيڪي ويٺا هئا، تن کي ورهائي ڏنيون، ۽ انهيءَ طرح ڪُرڙين مان بہ جيترو گهُريائون، تيترو ڏنائين.


(اگرچہ جتي خداوند جي شڪرانن چوڻ بعد هنن ماني کاڌي هئي، انهيءَ جاءِ جي ويجهو ٻيا مڇئا تبرياس کان آيا هئا).


۽ جڏهن ائين چئي رهيو ۽ ماني ورتائين، تڏهن سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري اُها ڀڃي کائڻ لڳو.


جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.


جيڪڏهن آئون شڪر ڪري ٿو کان، تہ جنهن ڳالهہ جي لاءِ شڪر ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري ڇو منهنجي بدنامي ٿئي؟


۽ جڏهن شڪر ڪري رهيو، تڏهن اُها ڀڃي چيائين، تہ هي منهنجو بدن آهي جو اوهان جي واسطي آهي: منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.


شهر ۾ اچڻ شرط، ۽ سندس مٿانهين هنڌ کائڻ لاءِ وڃڻ کان اڳي، اوهين هن کي ڏسندا، ڇالاءِ جو ماڻهو تيسين نہ کائيندا جيسين ڪ هو ايندو، جو هو قربانيءَ تي برڪت ڏيندو آهي؛ ۽ پوءِ جن کي حڪم ملندو آهي سي کائيندا آهن. تنهنڪري هاڻي اوهين مٿي چڙهو؛ ڇالاءِ جو هن وقت اوهان کي هو ملندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ