Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:10 - Sindhi Bible

10 پوءِ رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن جيڪي ڪيو هئائون، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايائونس ۽ هو اُنهن کي بيت صيدا نالي شهر ڏانهن خلاصو وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اهي ٻارهن سنت جڏهن موٽي آيا، تڏهن يسوع کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ يسوع انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيت‌صيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهي ٻارهن رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن عيسيٰ کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ عيسيٰ انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيت‌صيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

10 प्रेरितन वापस मोटी करे जेको कुछ उनन कयो हो उन जो सजो॒ हालहेवाल येशुअ खे डि॒नऊं; उन खां पो येशु चेलन खे बेतसैदा नाले जे नगरअ डा॒ं वठी वयो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيت⁠صيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ لاءِ موڪليو آهي.


افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها.


تہ هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي: هڪڙي خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟


پوءِ اُهي ستر ڄڻا خوش ٿي موٽي آيا، ۽ اچي چيائونس، تہ اي خداوند، تنهنجي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع آهن.


اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ