53 پر هو مٿس کِلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جو خبر هُين تہ هوءَ مري ويئي آهي.
53 इन ते उहे सब येशुअ जो मजाक उडा॒एण लगा॒, छोके उनन खे खबरअ हुई के उहा मरी वई आहे।
آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.
مون کي يقين آهي تہ ٺٺولي ڪندڙ مون سان آهن، ۽ منهنجي اک هنن جي چيڙائڻ ۾ رهي ٿي.
جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا،
هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.
تڏهن چيائين تہ جاءِ ڏيو، ڇالاءِ جو ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پئي آهي. ۽ هو مٿس کِلڻ لڳا.
۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.
۽ سڀني اُنهيءَ لاءِ پئي رُنو پِٽيو، پر هن چيو تہ روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر سُتي پيئي آهي.
پر هن سندس هٿ جهلي سڏي چيو، تہ اي نينگر، اُٿ.
يسوع چيو تہ پهڻ کي هٽايو. اُهو جو گذري ويو هو، تنهن جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو، تہ اي خداوند، هو تہ اڳيئي بانس ڪري ويو هوندو، ڇالاءِ تہ چار ڏينهن ٿي ويا اٿس.