Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:47 - Sindhi Bible

47 ۽ جڏهن زال ڏٺو تہ آئون لڪي نہ سگهيس، تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي، ۽ اچي کيس پيرين پئي، ۽ سڀني جي روبرو ٻڌايائين تہ ڪهڙي سبب مون توکي هٿ لاتو، ۽ ڪهڙيءَ طرح آئون يڪدم چڱي ڀلي ٿي پيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 جڏهن ناريءَ ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 جڏهن عورت ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

47 जड॒ऐं उहा स्त्री समझी वई के मां लिकी न थी सगा॒ं, तड॒ऐं उहा डिज॒ंदे येशुअ जे सामूं आई ऐं हुन जे पेरन ते किरी करे सबनिन मांणुन खे चई बु॒धायईं, के मां छो येशुअ खे हथ लगा॒यो ऐं कीअं मां ओढी॒ मलई ठीक थी वयम।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 جڏھن عورت ڏٺو تہ ’آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،‘ تڏھن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. ھن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪھڙي سبب ھن کيس ھٿ لاتو ۽ ڪھڙيءَ طرح ھوءَ ھڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:47
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو، ڏڪندي ڏڪندي خوشي ملهايو.


اي خداوند منهنجون سڀ مرادون تنهنجي اڳيان آهن؛ ۽ منهنجي ڪنجهڪار تو کان لڪل نہ آهي.


اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.


آءٌ افرائيم کي سڃاڻان ٿو، ۽ اسرائيل بہ مون کان لڪل نہ آهي: ڇالاءِ جو اي افرائيم، تو زنا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل پليت ٿيو آهي.


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


۽ اُهي سگهو ئي ڊپ ۽ گهڻيئي خوشيءَ سان قبر وٽان نڪتيون، ۽ هن جي شاگردن کي خبر ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ويون.


پر زال کي خبر هئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آهي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي پيرين پيس، ۽ سموري ڳالهہ ڪري ٻڌايائينس.


پر يسوع چيو تہ ڪنهن تہ مون کي هٿ لاتو آهي، ڇوتہ مون سهي ڪيو تہ قدرت مون مان نڪتي آهي.


۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ.


تڏهن هن ڏيئا گهرايا ۽ اندر ٽپي ويو، ۽ ڊپ جي ڪري ڏڪندو ڏڪندو پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي وڃي ڪِريو.


۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن ڪمزوريءَ، ۽ گهڻي ڊپ، ۽ ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رهيس.


۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي.


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ