Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:43 - Sindhi Bible

43 ۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 انهن ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 انهن ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

43 हिकअ स्त्री हुई जेंखे बा॒रहन सालन खां रत वहण जी बीमारी हुई। उन पांजे इलाज़अ में पांजो सब कुछ डाक्टरन खे ड॒ई छड॒यो वईं परअ उहा किथां बी ठीक न थी हुई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو ۽ ھن پنھنجي سڄي ميڙي چونڊي طبيبن پٺيان وڃائي ڇڏي ھئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:43
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هيءَ زال جا ابراهيم جي ڌيءَ آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻَڌي قابو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن اُنهي بند کان ڇڏائڻ روا نہ هو ڇا؟


۽ جيئن واٽ وٺي پئي ويو تہ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺائين، جو ڄائي ڄم کان انڌو هو.


۽ ڏسو، هڪڙي زال هئي جنهن ۾ ارڙهن ورهين کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ڪمزور ٿيندي ويئي، ۽ ڪُٻي ٿي پيئي هئي، ۽ پُٺي سنئين ٿي نٿي سگهي.


۽ جڏهن هو سڪيءَ تي آيو، تڏهن اُنهي شهر جو هڪڙو ماڻهو گڏيس، جنهن ۾ ڀوت هئا؛ ۽ هو ڪيترن ڏينهن کان نڪي ڪپڙو ڪندو هو، نڪي گهر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذران ڪندو هو.


انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟


۽ سندس بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾ آسا کي پيرن ۾ اچي مرض لڳو؛ اهو مرض تمام وڏو هو؛ تڏهن بہ انهيءَ بيماريءَ ۾ هن خدا کي نہ ڳوليو پر طبيبن کي ڳوليائين.


ڇالاءِ تہ جو ماڻهو هن معجزي ڪري چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن ورهين کان بہ مٿي هئي.


۽ هڪڙو ماڻهو جو ڄائي ڄم کان منڊو هو، تنهن کي ڏهاڙي هيڪل جي اندر در وٽ، جو سهڻو ڪري سڏبو هو، آڻي رکندا هئا؛ انهي لاءِ تہ جيڪي هيڪل ۾ اچن، تن کان خيرات گهُري.


پر هاڻي ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي، تنهن جي اسان کي خبر ڪانهي؛ يا ڪنهن سندس اکيون کوليون، سو اسين نٿا ڄاڻون: کانئس پڇو، هو بالغ آهي؛ پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.


۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا.


دشمن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر: ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي.


پر اوهين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندڙ آهيون، اوهين سڀيئي نڪما طبيب آهيو.


ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان هن ۾ وڌو اٿن؛ پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ جيڪي هڙ ۾ هوس، سو سڀ کڻي وڌائين، بلڪ پنهنجي سموري ڪمائي.


ڇوتہ هن جي سڪيلڌي نياڻي، جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن ورهيہ هئي، اُها مرڻ تي هئي. ۽ جيئن هو هلندو پئي ويو، تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.


سا پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي جي پلوَ کي هٿ لاتائين، ۽ اُنهي دم هن جو رت پوڻ بند ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ