Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:27 - Sindhi Bible

27 ۽ جڏهن هو سڪيءَ تي آيو، تڏهن اُنهي شهر جو هڪڙو ماڻهو گڏيس، جنهن ۾ ڀوت هئا؛ ۽ هو ڪيترن ڏينهن کان نڪي ڪپڙو ڪندو هو، نڪي گهر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذران ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 جڏهن يسوع سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جڏهن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

27 जीअंईं येशु बे॒ड़ीअ मां किनारे ते लथो, त उन नगरअ जो हिक मांणू जेमें दुष्‍टआत्माऊं हुयूं उहो हुन सां अची मिल्यो। उन मांणूअ डा॒ढन हीं डी॒ंहन खां न कपड़ा पाता वईं ऐं न हीं उहो घरअ में रवंदो हो, परअ उहो क़ब्रुन में रवंदो हो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 جڏھن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو، جنھن ۾ ڀوت ھئا. ھو ڪيترن ڏينھن کان نڪي ڪپڙا پائيندو ھو ۽ نڪي گھر ۾ رھندو ھو، پر قبرستان ۾ گذاريندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جا قبرن جي وچ ۾ ويهي ٿي، ۽ ڳجهين جاين ۾ راتيون ٿي گذاري؛ جا سوئر جو گوشت کائي ٿي، ۽ ڪراهت جهڙين شين جو تيوڻ سندس ٿانوَن ۾ آهي.


جيڪو کليل ميدان ۾ ترار سان ماريل ڪنهن ماڻهوءَ کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا ماڻهوءَ جي ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.


۽ اچي ڏسن تہ اُهو ڀوتاريل ماڻهو، يعني جنهن ۾ ڀوتن جو لشڪر هو، سو يسوع وٽ ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ ويٺو آهي، تڏهن ڊپ وٺي وين.


پوءِ اُهي گراسينين جي ملڪ ۾ وڃي پهتا، جو گليل جي سامهون آهي.


۽ جڏهن يسوع کي ڏٺائين، تڏهن کيس پيرين پئي وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.


۽ هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي اُڇلائي ڇڏيا، ۽ سموئيل جي اڳيان نبوت ڪرڻ لڳو، ۽ اُهو سارو ڏينهن، ۽ اُها ساري رات اُگهاڙو پيو هو. تنهنڪري چوڻي ٿي وئي، تہ سائول بہ نبين ۾ آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ