Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:1 - Sindhi Bible

1 تنهن کانپوءِ جلد ئي هيئن ٿيو تہ هو شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ منادي ڪندو، ۽ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گهُميو، ۽ اُهي ٻارهن بہ ساڻس گڏ هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو يسوع شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن چيلا بہ ساڻس گڏ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو عيسيٰ شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن شاگرد بہ ساڻس گڏ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

1 उन खां पो येशु परमेश्वरअ जे राज॒अ जी ख़ुशख़बरीअ जो प्रचार कंदे नगर-नगर ऐं गाम-गामअ में फिरंदो रयो ऐं उहे बा॒रहां प्रेरितअ बी हुन सां गड॒ हुवा,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 تنھن کان پوءِ ھيئن ٿيو جو عيسيٰ شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ ڪندو ۽ خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گھميو. ٻارھن شاگرد بہ ساڻس گڏ ھئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع پنهنجن ٻارهن شاگردن کي حڪم ڏيئي چڪو، تڏهن اُتان روانو ٿيو، تہ وڃي سندن شهرن ۾ تعليم ڏيئي ۽ منادي ڪري.


جڏهن ڪو انهيءَ بادشاهت جو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ سمجهي نٿو، تڏهن شيطان اچي جيڪي اُنهيءَ جي دل ۾ پوکيل آهي سو ڪڍي ٿو وڃي. هي اُهو آهي جو گس تي پوکيو ويو هو.


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو.


۽ هو ساري گليل ۾ انهن جي عبادتگاهن ۾ وڃي منادي ڪندو ۽ ڀوت ڪڍندو رهيو.


۽ اُهو ٻار وڌندو، ۽ روح ۾ زور وٺندو ويو، ۽ جيستائين اسرائيل ۾ پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، تيستائين رڻ پٽ ۾ رهندو هو.


۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو هن ماڻهن کي هيڪل ۾ ويٺي تعليم ڏني، ۽ انجيل جي منادي پئي ڪيائين؛ تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ، بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.


”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،


۽ اُهي روانا ٿيا، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خوشخبري ٻڌائيندا، ۽ سڀ ڪنهن هنڌ ماڻهن کي شفا ڏيندا رهيا.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


۽ جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ويو هو، تنهن جي خوشخبري اسان آندي آهي؛


۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ