Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:44 - Sindhi Bible

44 ۽ اُنهيءَ زال ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ هن زال کي ڏسين ٿو؟ آئون تنهنجي گهر آيس، تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجن ڳوڙهن سان ڌوتا، ۽ پنهنجن وارن سان اُگهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 پوءِ انهيءَ ناريءَ ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن ناريءَ کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 پوءِ انهيءَ عورت ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

44 उन खां पो येशुअ उन स्त्रीअ डा॒ं मुड़ी करे शमौनअ खे चयईं, “छा तूं डि॒ठए के इन स्त्रीअ मुसां छा कयो आहे? मां तुंजे घर आयुम, परअ तूं मुखे पेरअ धोहण जे लाए पाणी बी न डि॒नए, परअ इन स्त्रीअ मुंजा पेरअ पांजे गो॒ड़न सां धोता तईं ऐं पांजे वारन सां उग्या तईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 پوءِ انھيءَ عورت ڏانھن منھن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”ھن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنھنجي گھر آيس تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر ھن منھنجا پير پنھنجن ڳوڙھن سان ڌوتا ۽ پنھنجن وارن سان اُگھيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:44
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجا پير ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو:


۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهر هلي رات اتي رهو، ۽ پنهنجا پير ڌوئو، ۽ صبح جو سوير اٿي، پنهنجي واٽ وٺجو. پر هنن چيو تہ نہ اسين سڄي رات هتي گهٽيءَ ۾ گذارينداسين.


۽ هو کين يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو ۽ کين پاڻي ڏنائين، ۽ انهن پنهنجا پير ڌوتا؛ ۽ سندن گڏهن کي گاهہ داڻو ڏنائين.


پوءِ دائود اورياہ کي چيو تہ پنهنجي گهر وڃي پير ڌوءُ. ۽ اورياہ بادشاهہ جي گهران نڪتو، ۽ پٺيانس بادشاهہ وٽان ماني جو خونچو موڪليو ويو.


۽ سندس پيرن وٽ پٺيانئس بيهي ڳوڙها ڳاڙي، سندس پير ڌوئڻ لڳي ۽ پنهنجي مٿي جي وارن سان انهن کي اُگهيائين؛ ۽ سندس پير چُمي، انهن تي عطر مکيائين.


شمعون وراڻي ڏيئي چيو، تہ آئون ڀانيان ٿو تہ جنهن کي گهڻو معاف ڪيائين سو. تڏهن چيائينس، تہ تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي.


پوءِ ٿالهہ ۾ پاڻي وجهي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو، ۽ چيلهہ سان جو ٽوال ٻَڌل هوس، تنهن سان اُگهڻ لڳن.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟


پوءِ هو انهن کي پنهنجي گهر وٺي ويو، ۽ گڏهن کي چارو ڏنائين؛ ۽ هنن پنهنجا پير ڌوتا، ۽ کاڌائون پيتائون.


تڏهن هوءَ اُٿي، ۽ منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين ۽ چيائين تہ ڏس، تنهنجي ٻانهي پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري پورهيت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ