Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:40 - Sindhi Bible

40 تنهن تي يسوع اُنهي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي شمعون، توکي ڪي چوڻو اٿم. هن چيو، تہ اُستاد بيشڪ چئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 تڏهن يسوع کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”گرو! بيشڪ چئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 تڏهن عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”استاد! بيشڪ چئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

40 येशुअ उन खे जवाब डि॒नईंस, “हे शमौनअ, मुखे तोखे कुछ चवणो आहे।” उन येशुअ खे चयईंस, “हा गुरू, चओ।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون چيو تہ ”اي استاد! بيشڪ چئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:40
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن وڌيڪ هي بہ چيس تہ مون کي ڪجهہ توکي چوڻو آهي. تڏهن هن چيس تہ ڀلي چئُہ.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


۽ يڪدم هو يسوع وٽ اچي چوڻ لڳو تہ اي ربي، سلام: ۽ چميائينس.


انهي ڏينهن گهڻا مون کي چوندا تہ اي خداوند، اي خداوند، اسان تنهنجي نالي پيشنگوئيون نہ ڪيون ڇا، ۽ اسان تنهنجي نالي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ ۽ تنهنجي نالي گهڻا ئي معجزا نہ ڪيا ڇا؟


۽ هڪڙي سردار اچي پڇيس، تہ اي نيڪ اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟


پر يسوع سندن دل جا دليل سهي ڪري جواب ڏيئي چين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ ڪهڙا دليل ٿا ڊوڙايو؟


۽ يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهُرج ڪانهي، پر جيڪي بيمار آهن، تن کي آهي.


پر هن کي سندن خيالن جي خبر هئي، سو سُڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيائين، تہ اُٿي وچ ۾ کڙو ٿي بيهہ، ۽ هو اُٿي کڙو ٿي بيٺو.


پوءِ جنهن فريسيءَ سندس دعوت ڪئي هئي سو هيءُ ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سهي ڪري ها، تہ هيءَ جا مون کي هٿ ٿي لائي سا ڪير آهي، ۽ ڪهڙي قسم جي زال آهي، جو هوءَ تہ گنهگار آهي.


تنهن تي هن چيو، تہ هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا، هڪڙي کي پنج سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ ٻئي کي پنجاهہ.


اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان.


يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟


هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.


سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ