Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:39 - Sindhi Bible

39 پوءِ جنهن فريسيءَ سندس دعوت ڪئي هئي سو هيءُ ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سهي ڪري ها، تہ هيءَ جا مون کي هٿ ٿي لائي سا ڪير آهي، ۽ ڪهڙي قسم جي زال آهي، جو هوءَ تہ گنهگار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 تنهن تي فريسي، جنهن يسوع جي رسوئي ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ ناري جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ پاپڻ آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 تنهن تي فريسي، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

39 इयो डि॒सी जैं फ़रीसीअ येशुअ खे रोटीअ ते घुरायो हो उहो पांजे दिल में सोचण लगो॒, “अगर हे मांणू भविष्यवक्‍ता हुजे आं, त इन खे खबरअ पेजी वञे आं, के इया स्त्री जेकी हुन खे हथ लगा॒ए रही आहे, उहा केर ऐं केड़े किस्मअ जी आहे, इया त पापिन स्त्री आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 تنھن تي فريسي، جنھن عيسيٰ جي دعوت ڪئي ھئي سو ھي ڏسي پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ھي شخص نبي ھجي ھا تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ھا تہ ھيءَ عورت جيڪا کيس ھٿ ٿي لائي سا ڪھڙي قسم جي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ تہ گنھگار آھي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:39
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا جي مرد اليشع جي نوڪر جيحازيءَ چيو تہ ڏس، منهنجي ڌڻيءَ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو، جو جيڪي هن آندو هو سو انهيءَ جي هٿان نہ ورتائين: خداوند جيئري جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙندس ۽ هن کان ڪي ڪجهہ وٺندس.


ڇالاءِ جو جيئن هو پنهنجي دل ۾ خيال ڪري ٿو تيئن ئي هو آهي: هو توکي چوي ٿو تہ کاءُ ۽ پيءُ؛ پر هن جي دل تو سان نہ آهي.


جا چوي ٿي تہ پري ٿي بيهہ، منهنجي ويجهو نہ اچ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پاڪ آهيان: اهي منهنجي نڪ ۾ دونهين جهڙا، ۽ سڄو ڏينهن ٻرندڙ باهہ جهڙا آهن.


انهي طرح پويان پهريان ٿيندا، ۽ پهريان پويان.


۽ ميڙاڪن چيو تہ هي گليل جي ناصرت وارو نبي يسوع آهي.


ڇالاءِ جو اندران ماڻهوءَ جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، يعني حرامڪاريون،


سو دل ۾ خيال پچائي چوڻ لڳو، تہ هاڻي ڇا ڪريان، جو اُها جاءِ ڪانهيم جتي کڻي پنهنجو فصل ڪٺو ڪري رکان؟


۽ فريسي توڙي فقيهہ سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هيءُ ماڻهو گنهگارن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ گڏ کائڻ ٿو ڏئي.


تڏهن هو گماشتو دل ۾ چوڻ لڳو، تہ منهنجو مالڪ تہ مون کان گماشتگيري کسي ٿو، سو آئون ڇا ڪريان؟ ڪوڏر هڻڻ جي مون ۾ وسعت ڪانهي، ۽ پنڻ کان شرم ٿو اچيم.


۽ هن ڪجهہ وقت تہ هن جي ڪين اُنائي: پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيتوڻيڪ مون کي نڪو خدا جو ڊپ آهي نہ ڪا ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ؛


تنهنڪري توبهہ جي لائق ڦل اُپايو، ۽ پنهنجي دل ۾ ائين چوڻ جي نہ ڪريو تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي: ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي.


تہ ڏسو اُنهي شهر جي هڪڙي زال جا گنهگار هئي، تنهن کي جڏهن سُڌ پئي تہ هو فريسيءَ جي گهر ماني ويٺو کائي، تڏهن سنگ مرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.


۽ سندس پيرن وٽ پٺيانئس بيهي ڳوڙها ڳاڙي، سندس پير ڌوئڻ لڳي ۽ پنهنجي مٿي جي وارن سان انهن کي اُگهيائين؛ ۽ سندس پير چُمي، انهن تي عطر مکيائين.


تنهن تي يسوع اُنهي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي شمعون، توکي ڪي چوڻو اٿم. هن چيو، تہ اُستاد بيشڪ چئو.


زال چيس، تہ اي سائين، آئون سمجهان ٿي تہ تون ڪو نبي آهين.


۽ هن بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي سُر پُر هلي: ڪن پئي چيو تہ هو نيڪ ماڻهو آهي: ۽ ٻين پئي چيو تہ نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ٿو ڪري.


تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ