Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:37 - Sindhi Bible

37 تہ ڏسو اُنهي شهر جي هڪڙي زال جا گنهگار هئي، تنهن کي جڏهن سُڌ پئي تہ هو فريسيءَ جي گهر ماني ويٺو کائي، تڏهن سنگ مرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 انهيءَ شهر ۾ هڪڙي پاپڻ ناري رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ يسوع هڪڙي فريسيءَ جي گھر رسوئي کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 انهيءَ شهر ۾ هڪڙي گنهگار عورت رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ عيسيٰ هڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

37 उन नगरअ जी हिकड़ी पापिन स्त्रीअ खे जड॒ऐं इया खबरअ पई, के येशु फ़रीसीअ जे घरअ में रोटी खाएण वेठो आहे, त उहा उते संगमरमर जे अत्‍तुरधानीअ में अत्‍तुर खणी आई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي گنھگار عورت رھندي ھئي. تنھن کي جڏھن اھا خبر پيئي تہ عيسيٰ ھڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني ويٺو کائي، تڏھن ھوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:37
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي توبهہ جي لاءِ سڏڻ آيو آهيان.


انهن ٻنهي مان پنهنجي پيءُ جي مرضيءَ تي ڪير هليو؟ هنن چيس تہ پهريون. يسوع چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ محصولي ٺيڪيدار ۽ ڪسبياڻيون اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهت ۾ وينديون.


۽ جيڪڏهن راستباز ماڻهوءَ کي ئي مشڪلات سان نجات ملندي تہ بي دين ۽ گنهگارن جو حال ڪهڙو ٿيندو؟


۽ اهو سمجهي تہ شريعت راستباز ماڻهن جي لاءِ نہ، پر بي دينن ۽ گنهگارن جي لاءِ، ناپاڪن ۽ لُچن ۽ ماءُ پيءُ جي قاتلن ۽ خونين جي لاءِ،


پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.


۽ فريسي ۽ سندن فقيهہ، سندس شاگردن تي ڪُرڪي چوڻ لڳا تہ اوهين ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿا کائو پيئو؟


پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.


مريم اُها هئي، جنهن خداوند کي عطر مکي سندس پير پنهنجي وارن سان اُگهيا هئا، تنهن جو ڀاءُ لعزر بيمار پيو هو.


اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو.


تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي.


۽ جڏهن اُنهن اهو ڏٺو، تڏهن سڀيئي سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هو گنهگار جي گهر وڃي لٿو آهي.


ابن آدم کائيندو پيئندو آيو آهي، ۽ اوهين چئو ٿا تہ ڏسو، پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست!


۽ فريسين مان هڪڙي عرض ڪيس، تہ مون وٽ هلي کاءُ. تڏهن هو فريسيءَ جي گهر ويو، ۽ کائڻ ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ