Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:29 - Sindhi Bible

29 ۽ عام خلق جن اهو ٻُڌو تن، ۽ محصولي ٺيڪيدارن، يوحنا جي بپتسما وٺي خدا جا انصاف مڃيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يوحنا کان بپتسما وٺي ايشور کي سچار ڪري مڃيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

29 सबनिन मांणुन ऐं एतरे हद ताईं के महसूल उगा॒ड़ींदड़न बी जड॒ऐं इयो बु॒धो, त उनन यूहन्ना खां बपतिस्मा वठण जे करे परमेश्वरअ खे सचार करे मञयऊं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 سڀني ماڻھن اھو ٻڌو. جڏھن تہ انھن مان عام ماڻھن ۽ محصول اڳاڙيندڙن يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:29
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ خراب آهي سو ڪيو اٿم: تہ جڏهن تون ڳالهائين تڏهن سچار ثابت ٿين، ۽ جڏهن انصاف ڪرين تڏهن بي عيب هجين.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين انهن کي پيار ڪندا جي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تہ پوءِ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ محصولي ٺيڪيدار بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟


پر جي ٿا چئون ماڻهن کان، تہ ساري خلق اسان کي سنگسار ڪندي؛ ڇالاءِ جو هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا نبي هو.


۽ جڏهن محصولي ٺيڪيدار بہ بپتسما وٺڻ آيا ۽ چيائونس تہ اي اُستاد، اسين ڇا ڪريون؟


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪي بہ زال ذات مان ڄاول آهن، تن منجهان يوحنا کان ڪوبہ وڏو ڪونهي. انهي هوندي بہ خدا جي بادشاهي ۾ جيڪو ننڍو آهي، سو اُنهي کان وڏو آهي.


پر جيڪي دانائيءَ جا ٻار آهن، تن منجهان ئي دانائي سچي ثابت ٿي ٿئي.


هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس.


هن چيو تہ تڏهن اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟ هنن چيو تہ يوحنا جي بپتسما.


ڇالاءِ جو هنن خدا جي راستبازيءَ کان ناواقف رهي، پنهنجي راستبازي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ خدا جي راستبازيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.


۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.


۽ مون پاڻين جي ملائڪ کي هيئن چوندو ٻُڌو تہ اي قدوس، تون جو آهين ۽ جو هُئين، تون عادل آهين، ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو؛


تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ