Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:21 - Sindhi Bible

21 اوڏيءَ ئي مهل هن گهڻن کي مرضن، ۽ آفتن، ۽ ڀوتن کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، ۽ گهڻن ئي انڌن کي سڄو ڪيو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ گھڙيءَ يسوع گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

21 उन हीं वक़्त येशुअ डा॒ढन बीमारन खे ऐं जेके पीड़ाउन में हुवा उनन खे ठीक कयईं ऐं जेंजे अंदर दुष्‍टआत्माऊं हुयूं उनन खे संदन जे वसअ मां छडा॒यईं; ऐं डा॒ढन हीं अंधन जूं अख्यूं ठीक कयईं;

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 انھيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن زمين تي ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جهولو لڳي يا رتي، يا مڪڙ يا سوٻٽ لڳن؛ جيڪڏهن هنن جا دشمن سندن شهرن جي زمين ۾ کين گهيرو ڪن؛ ڪهڙي بہ آفت هجي، ڪهڙي بہ بيماري هجي؛


پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسي، تہ گهر جي لنبجڻ کان پوءِ انهي ۾ مرض ڪونہ پکڙيو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهي گهر کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو مرض نڪري ويو آهي.


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.


ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.


۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان.


تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن.


اُنهن ماڻهن وٽس اچي چيو، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توکان پڇڻ لاءِ موڪليو آهي، تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟


ڇالاءِ جو جنهن سان خدا محبت ٿو رکي، تنهن کي هو تربيت ٿو سيکاري ۽ جنهن کي پٽ ٿو ٺهرائي، تنهن کي سيکت ٿو ڏئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ