Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:14 - Sindhi Bible

14 ۽ ويجهو اچي جنازي کي هٿ لاتائين، تہ ڪانڌي بيهي رهيا. تڏهن چيائين، تہ اي جوان، آئون تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پوءِ پاڻ ويجھو اچي ارٿيءَ تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ پاڻ ويجھو اچي جنازي تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

14 तड॒ऐं उहो अरथीअ जे पासे वयो ऐं उन खे हथ लगा॒यईं, इन ते कांधी उते ही बीह रया। येशुअ चयईं, “हे जवानअ, मां तोखे चवां तो त उथ!”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:14
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ٽي ڀيرا پاڻ کي اُنهيءَ ٻار تي ليٽائي خداوند کي سڏي چيو تہ اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هن ٻار ۾ وري ساهہ وجهہ.


۽ خداوند ايلياہ جي دعا ٻڌي، ۽ ڇوڪر جو ساهہ موٽي هن ۾ آيو، ۽ هو وري جيئرو ٿيو.


تيئن ماڻهو بہ سمهي ٿو ۽ وري اُٿي نٿو، جيستائين آسمان نابود ٿي نہ ويندو تيستائين هو نہ جاڳندا ۽ ننڊ مان اُٿاريا ويندا.


جي ڪو ماڻهو مري وڃي تہ اهو ڪو وري جيئندو ڇا؟ پنهنجي جنگ جهيڙي جا سڀ ڏينهن آءٌ منتظر رهندس، جيستائين منهنجو ڇوٽڪارو اچي.


جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي.


تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.


۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ.


۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.


تنهن تي اُهو مڙدو اُٿي ويٺو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ هن کي کڻي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.


۽ سندس بابت اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ آس پاس واري سموري ملڪ ۾ چوڌاري هلي ويئي.


يسوع چيس، تہ قيامت ۽ زندگي آئون آهيان: جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو جي مري وڃي، تہ بہ جيئندو.


ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هاڻي اچي سهڙي آهي، جنهن ۾ مُردا خدا جي فرزند جو آواز ٻُڌندا؛ ۽ جيڪي ٻُڌندا سي جيئندا.


(جهڙيءَ طرح ڪ لکيل آهي تہ ”مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ٺهرايو آهي.“) يعني اُنهي خدا جي اڳيان جنهن تي هن ايمان آندو، جو مُئلن کي جياري ٿو، ۽ جي شيون ناهن تن کي ائين ٿو سڏي ڄڻ تہ اُهي اڳيئي آهن.


ڇالاءِ جو جيڪي ڪم هو ڳجهہ ڳوهہ ۾ ٿا ڪن، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ