لوقا 7:12 - Sindhi Bible12 ۽ جڏهن شهر جي دروازي جي ويجهو آيو، تڏهن ڏسو هڪڙي مڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اُهو ماءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ۽ اها بيوهہ زال هئي، ۽ شهر جا گهڻا ماڻهو ساڻس هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible12 جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماتا جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا وڌوا هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا رنزال هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible (India)12 जड॒ऐं उहो नगरअ जे फाटकअ जे पासे पौंतो, त उते मांणू हिकअ मुरदे खे नगरअ मां बा॒हिर खणीं प्या वञन। उहो पांजी माता जो इकलौतो पुट हो ऐं उहा स्त्री पाण विधवा हुई। नगरअ जा चंगा॒ हीं मांणू उन सां गड॒ हुवा। အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament12 جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رنزال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا.