Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:7 - Sindhi Bible

7 فقيهن ۽ فريسين ويٺي نهاريس تہ ڏسون تہ سبت جي ڏينهن ڇُٽائي ٿو يا نہ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو وجهہ مليئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جيئن تہ ڪي نيم شاستري ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن يسوع ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيئن تہ شريعت جا ڪي عالم ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 धर्मशास्त्री ऐं फ़रीसी इन मौके जी ताकअ में हुवा, के कीअं येशुअ जे मथां इल्ज़ामअ हणन, इन करे उहे हुन खे डि॒सन प्या, के उहो कें मांणूअ खे सबधअ जे डींहं ते ठीक करे तो यां न।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ڪي شريعت جا عالم ۽ فريسي انھيءَ موقعي جي تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ تي تھمت ھڻجي. انھيءَ لاءِ ھو اھو جانچي رھيا ھئا تہ آيا سبت جي ڏينھن ھو ڪنھن ماڻھوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي منهنجيءَ جان جي پٺيان آهن، سي مون لاءِ ڦندا ٿا وڇائين، ۽ جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي حرڪت جهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ سڄو ڏينهن ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين.


جيڪي ماڻهوءَ کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا ٺهرائين، ۽ جيڪو دروازي تي بيهي ملامت ٿو ڪري تنهن لاءِ ڦندو ٿا وجهن: ۽ سچار کي معمولي شيءِ سان ڦيرايو ڇڏين.


ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي.


۽ هنن ويٺي نهاريس، تہ ڪٿي هو سبت جي ڏينهن ڇُٽائيس تہ مٿس تهمت آڻيون.


۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن.


پوءِ هو هن کي اک ۾ رکندا آيا، ۽ جاسوس موڪليائون تہ ٻاهر سچار بنجي هن کي سندس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين، تہ حاڪم جي قبضي ۽ اختياريءَ ۾ ڏينس.


تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ