Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هيئن ٿيو جو ٻئي سبت جي ڏينهن هو عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو ساڄو هٿ سُڪل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ڪنهن ٻئي سبت جي ڏينهن تي يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. اُتي هڪ ماڻهو هو جنهن جو ساڄو هٿ سڪل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڪنهن ٻئي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي هڪ ماڻهو هو جنهن جو ساڄو هٿ سڪل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

6 हिकअ दफ़े कें बे॒ सबधअ जे डीं॒हं ते येशु प्रार्थना-घरअ में वञी सिख्या ड॒ई रयो हो, उते हिक मांणू हो जेंजो साजो॒ हथ लकवे सां सुकल हो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ھڪڙي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي ھڪ ماڻھو ھو جنھن جو ساڄو ھٿ سڪل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جو ڪلام ٻڌو، جو هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ جي برخلاف ڪيو، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان پنهنجو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو تہ هن کي پڪڙيو. ۽ جيڪو هٿ هن ڊگهيريو هو سو اهڙو سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نہ سگهيو.


افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي.


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


۽ سبت جي ڏينهن هڪڙي عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏنائين.


۽ يسوع جواب ڏيئي شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي چيو، تہ سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ روا آهي يا نہ؟


۽ هو ناصرت شهر ۾ آيو، جتي پاڻ نپنو هو، ۽ پنهنجي دستور موجب سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ ويو، ۽ پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو،


۽ هو ڪفرناحوم نالي گليل جي هڪڙي شهر ۾ آيو، ۽ سبت جي ڏينهن ماڻهن کي ويٺي سيکاريائين:


۽ هڪڙي سبت جي ڏينهن هيئن ٿيو جو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تڏهن سندس شاگرد سنگ پَٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا.


۽ يسوع چين تہ ابن آدم سبت جو مالڪ آهي.


تن ۾ ڪيترائي بيمار، ۽ انڌا، ۽ منڊا، ۽ سڙيل سُڪل پيا هوندا هئا. (اهي پاڻيءَ ۾ گوڙ ٿيڻ جا منتظر هوندا هئا،


تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ