Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:41 - Sindhi Bible

41 ۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي، سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي، تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 ڇو ٿا ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 ڇو ٿا ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

41 तूं छो पांजे भा जी अख में कख़ तो डि॒सीं, जड॒ऐं तुंजे पांजी अख में पाटिये जेड़ी वडी॒ शए पई आहे ऐं उहा तोखे न थी डि॒सण अचई?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 ڇو ٿو ڪنھن جي اک جو ڪک ڏسين ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيو اٿيئي، ان جو تو کي ڪوبہ خيال نہ آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:41
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند سندس خون خود سندس سر تي موٽائي وجهندو، ڇالاءِ جو هن ٻن اهڙن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي جي کانئس سچار ۽ بهتر هئا، ۽ انهن کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ منهنجي پيءُ دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ پيئي، يعني ابنير بن نير، اسرائيل جي سپهہ سالار کي، ۽ عماسا بن يتر، يهوداہ جي سپهہ سالار کي.


پر لاوي ۽ بنيمين کي هن انهن ۾ نہ ڳڻيو: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم يوآب جي لاءِ ڪراهت جهڙو هو.


ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي.


دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟


ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين.


عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي.


۽ وٽن ٿوريون ڪُرڙيون هيون، تن تي بہ شڪرانا چئي کين ڏنائين، تہ اُهي بہ کڻي هنن جي اڳيان رکن.


شاگرد پنهنجي اُستاد کان مٿي نہ آهي، پر هرڪو، جڏهن ڪامل ٿيو، تڏهن پنهنجي اُستاد جهڙو ٿي پوندو.


يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين.


مگر جڏهن هو کانئس پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين، تہ اوهان مان جيڪو بيگناهہ هجي، سو پهريائين هن کي پهڻ هڻي.


اي انسان، تون کڻي ڪير بہ هجين، پر تون جو ٻين تي ڏوهہ ٿو رٿين، تنهن لاءِ توکي ڪو عذر ڪونهي: ڇالاءِ جو جنهن ڳالهہ بابت تون ٻئي تي ڏوهہ ٿو رکين، تنهن جو تون پاڻ کي ڏوهاري ٿو ٺهرائين، هن ڪري تہ تون جو ڏوهہ ٿو رکين، سو پاڻ اُهي ڪم ٿو ڪرين.


۽ هو پاڻ کي ڏسي هليو ٿو وڃي ۽ هڪدم وساري ٿو ڇڏي تہ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ