Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:23 - Sindhi Bible

23 انهي ڏينهن اوهين سرها ٿجو، ۽ خوشيءَ وچان ٽپا ڏجو: جو ڏسو تہ آسمان ۾ اوهان جو اجر وڏو آهي: ڇو تہ هنن جا ابا ڏاڏا بہ نبين سان اهڙا ئي ساڳيا پار هليا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو عرش عظيم تي اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

23 परअ तवां उन डीं॒हं ते आनंदअ सां टिपा डि॒जो, छोके तवां जे लाए स्वर्ग॒अ में वडो॒ ईनाम आहे। याद रखजो उनन जे अबन-डा॒ड॒न बी भविष्यवक्‍ताउन सां गड॒ इंय ही कयो हुयो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:23
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


تڏهن ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان ايلياہ کي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري تنهنجي حياتي بہ هنن مان هڪڙي جهڙي نہ ڪريان، تہ معبود مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ وڌيڪ.


۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي.


تڏهن هن چيو تہ جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن اليشع بن سافط جي سسي سندس ڌڙ تي بيٺي تہ خدا شل مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


تڏهن ماڻهو چوندا تہ سچ پچ راستباز جي واسطي اجر آهي: بيشڪ اهو خدا آهي جو زمين تي انصاف ٿو ڪري.


تڏهن منڊو ماڻهو هرڻ وانگي ٽپندو، ۽ گونگي جي زبان ڳائڻ لڳندي: ڇالاءِ جو بيابان ۾ پاڻي، ۽ رڻ پٽ ۾ چشما ڦاٽي نڪرندا.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


خوشي ڪريو ۽ ڏاڍا سرها ٿيو، ڇالاءِ جو اوهان جو اجر آسمان ۾ وڏو آهي: ڇوتہ جيڪي نبي اوهان کان اڳي هئا تن کي بہ انهي طرح ستايو هئائون.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اليشبع مريم جو سلام ٻُڌو، تڏهن ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپڻ لڳو؛ ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي؛


۽ ڏس، جڏهن تنهنجي سلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تڏهن ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپڻ لڳو.


پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.


سو زور سان چيائينس تہ پيرن ڀر سنئون ٿي بيهہ: ۽ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو، ۽ هلڻ لڳو.


پوءِ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ هلڻ لڳو، ۽ ساڻن گڏ هلندو، ۽ ٽپندو، ۽ خدا جي تعريف ڪندو هيڪل ۾ ويو.


سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.


نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون: جو اسان کي خبر آهي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿو ٿئي؛


تنهنڪري آئون مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، ايذائن ۾، احتياجن ۾، ستائجڻ ۾، ۽ مصيبتن ۾ خوش ٿو رهان؛ ڇالاءِ جو جڏهن آئون ڪمزور آهيان، تڏهن زوراور آهيان.


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛


۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي.


۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.


اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛


پر جيئن جيئن اوهين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو، تيئن تيئن خوشي ڪريو؛ تہ سندس جلال جي ظهور جي وقت بہ ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيو.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.


۽ جيڪو غالب پوندو، ۽ جيڪو منهنجي مرضيءَ تي توڙ تائين هلندو، تنهن کي آئون قومن تي اختياري ڏيندس:


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.


جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ ٿنڀ وانگر ڪندس، ۽ هو وري اُتان ڪڏهن بہ ٻاهر ڪين نڪرندو: آئون انهي تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر جو نالو، يعني نئون يروشلم، جو منهنجي خدا وٽان آسمان مان لهي هيٺ ايندو، ۽ خود پنهنجو نئون نالو لکندس.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ