Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:12 - Sindhi Bible

12 ۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 هڪڙي ڏينهن يسوع جبل تي پرارٿنا ڪرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هڪڙي ڏينهن عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

12 उनन डी॒ंहन में हीं येशु हिकअ पहाड़ीअ ते प्रार्थना करण वयो ऐं उहो सजी॒ रात परमेश्वरअ खां प्रार्थना कंदो रयो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو. ھن ساري رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:12
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، آءٌ ڏينهن رات دانهون پيو ڪريان، ۽ ماٺ نٿو ڪريان؛ پر تون جواب نٿو ڏين.


منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن.


۽ جڏهن داني ايل کي خبر پئي تہ انهي لکيل حڪم تي صحيح پيئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گهر ويو؛ (سندس ڪوٺيءَ جون دريون يروشلم ڏانهن هيون)؛ ۽ هن ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي دعا گهري، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان سندس شڪر بجا آندو، جيئن هو اڳي ڪندو هو.


۽ هو ميڙاڪا ڏسي جبل تي چڙهي ويو: ۽ جڏهن هو ويهي رهيو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا:


پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو.


۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.


پوءِ هو جبل تي چڙهي ويو، ۽ جن کي وڻيس، تن کي پاڻ ڏانهن سڏيائين، ۽ اُهي وٽس آيا.


پوءِ جڏهن هنن کان موڪلائي رهيو، تڏهن دعا گهرڻ لاءِ جبل تي ويو.


پر هو جهنگ ڏانهن هليو ويو، ۽ اُتي دعا وڃي گهُريائين.


پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟


۽ اُنهن سان گڏ هيٺ لهي هڪڙي ميدان ۾ اچي بيٺو، ۽ سندس شاگردن جي وڏي جماعت، ۽ سڄي يهوديہ ۽ يروشلم، ۽ صور ۽ صيدا جي سمنڊ جي ڀر مان ماڻهن جي وڏي خلق آئي، تہ سندس ڳالهيون ٻُڌن، ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين.


پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻ نويڪلائيءَ ۾ دعا پئي گهريائين، ۽ شاگرد ساڻس هئا: تڏهن اُنهن کان پڇيائين تہ ماڻهو منهنجي نالي ڇا ٿا چون، تہ هي ڪير آهي؟


۽ انهن ڳالهين کانپوءِ اٽڪل اٺ ڏينهن گذريا، تہ هيئن ٿيو جو پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب کي پاڻ سان گڏ وٺي هڪڙي ٽڪر تي دعا گهرڻ لاءِ ويو.


۽ دعا پئي گهُريائين، تہ سندس منهن جي شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ وڄ وانگر چمڪڻ لڳي.


يسوع جبل تي چڙهي ويو، ۽ اتي پنهنجن شاگردن سان گڏ وڃي ويٺو.


دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ