Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:11 - Sindhi Bible

11 پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تڏهن نيم شاستري ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”يسوع سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن شريعت جا عالم ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

11 परअ धर्मशास्त्री ऐं फ़रीसी गुस्से में अची वया ऐं पाण में सलाह-मश्वरो करण लगा॒, के असां येशुअ सां छा कयऊं?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.


۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ماني ڪانہ آندي آهي، تنهنڪري ائين ٿو چوي.


۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين هن جا مثال ٻڌا، تڏهن سهي ڪيائون تہ هي اسان بابت ٿو چوي.


تڏهن اهي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي عبادتخاني ۾ هئا، سي سڀيئي اچي ڏاڍا ڪاوڙيا؛


۽ اُنهن سڀني ڏانهن چوڌاري نهاري انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ هن ائين ڪيو تہ هٿ ڇُٽي پيس.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.


تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.


۽ هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل ۾ پئي گهُميو: ڇالاءِ تہ مرضي نہ هيس تہ يهوديہ ۾ گهُمان، جو يهودين کيس مارڻ لاءِ پئي وجهہ ڳوليا.


۽ سڀني عبادتخانن ۾، گهڻائي ڀيرا کين سزا ڏياري، زورازوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو هوس؛ بلڪ سندن برخلاف اهڙو ڇتو ٿي پيس، جو کين ٻين شهرن ۾ بہ وڃي ستائيندو هوس.


پر جڏهن کين حڪم ڏنائون تہ صدر مجلس مان ٻاهر نڪري وڃو، تڏهن هو پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪرڻ لڳا،


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.


پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.


هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا.


پر هو اڳتي وڌي ڪين سگهندا: ڇالاءِ جو سندن بي عقلي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي؛ جيئن هنن جي بہ ٿي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ