Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:8 - Sindhi Bible

8 پر شمعون پطرس هي ڏسي يسوع جي پيرن تي ڪِري پيو، ۽ چيائين، تہ اي خداوند، مون وٽان وڃ، جو آئون گنهگار ماڻهو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ يسوع جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاپي آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

8 जड॒ऐं शमौन पतरसअ इयो सब थींदे डि॒ठो, त उहो येशुअ जे पेरन ते किरी करे संदस खे इंय चवण लगो॒, “हे प्रभु, मूं वटां हल्यो वञ छोके मां पापी मांणू आयां।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گنھگار آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود انهيءَ ڏينهن خداوند کان ڊنو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح خداوند جي صندوق مون وٽ ايندي؟


۽ هن زال ايلياہ کي چيو تہ، اي خدا جا ٻانها منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ منهنجو گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارين!


ڏس آءٌ ڪي ڪين آهيان: توکي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي ٿو رکان.


۽ هنن موسيٰ کي چيو تہ تون اسان سان ڳالهاءِ تہ اسين ٻڌون؛ پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.


تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي.


۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين.


۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون.


پوءِ صوبيدار ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، آئون انهيءَ لائق نہ آهيان تہ تون منهنجي پکي هيٺ اچين، پر تون رڳو واتان کڻي ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پوندو.


۽ ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ جي سندن سنگتي هئا، تن کي ڪوٺي چيائون تہ اسان جي اچي واهر ڪريو. تنهن تي هو آيا، ۽ ٻئي ٻيڙيون اهڙيون ڪري ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون.


ڇوتہ مڇين جو هيڏو ڀن ڦاسي پيو تنهنڪري کيس ۽ ٻيا جي ساڻس هئا، تن کي عجب وٺي ويو:


پوءِ مريم اتي آئي، جتي يسوع هو، ۽ کيس ڏسي سندس پيرن تي ڪِري چوڻ لڳيس، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها تہ منهنجو ڀاءُ جيڪر مري ئي ڪين ها.


ڇالاءِ جو هاڻي اسين آرسيءَ ۾ جهڪيءَ طرح ٿا ڏسون، پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آئون ٿورو ٿورو ٿو سڃاڻان، پوءِ آئون اهڙيءَ طرح سڃاڻيندس، جهڙي طرح آئون پاڻ سڃاتو ويو آهيان.


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي.


۽ بيت شمس جي ماڻهن چيو تہ ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي اڳيان بيهي سگهندو؟ ۽ اسان وٽان اهو ڪنهن وٽ ويندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ