Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:26 - Sindhi Bible

26 ۽ سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا؛ ۽ ڏاڍو ڊپ وٺي وين، تہ اڄ اسان هڪ عجب رنگ ڏٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

26 इयो डि॒सी सबनिन मांणुन खे ताजुब थ्यो ऐं उहे परमेश्वरअ जी स्तुति करण लगा॒ ऐं डा॒ढो ड॒की करे इंय चवण लगा॒, “अज॒ असां अद्भुत गा॒ल्यूं थींदे डि॒ठियूं आइन।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


۽ ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي، تہ ڇا هي دائود جو پٽ آهي؟


۽ اُهي سگهو ئي ڊپ ۽ گهڻيئي خوشيءَ سان قبر وٽان نڪتيون، ۽ هن جي شاگردن کي خبر ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ويون.


پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.


۽ هو اُٿيو ۽ هڪدم پنهنجو کٽولو کڻي انهن سڀني جي اڳيان هليو ويو؛ ۽ انهي تي سڀيئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ههڙو عجب رنگ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو.


تڏهن جيڪي اوسي پاسي رهندا هئا، تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ اهي سڀ ڳالهيون يهوديہ جي سڄي جابلو ملڪ ۾ هُلي ويون.


پر شمعون پطرس هي ڏسي يسوع جي پيرن تي ڪِري پيو، ۽ چيائين، تہ اي خداوند، مون وٽان وڃ، جو آئون گنهگار ماڻهو آهيان.


۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي.


۽ گراسينين جي پاسي ڪنڌيءَ جي سڀني ماڻهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ڇوتہ انهن کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو هو: ۽ هو ٻيڙيءَ تي چڙهي موٽي ويو.


۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.


۽ اُهي منهنجي سبب خدا جي وڏائي ظاهر ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ