Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:20 - Sindhi Bible

20 ۽ هن سندن ايمان ڏسي چيو، تہ اي ادا، تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 عيسيٰ انهن جو ايڏو ايمان ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

20 येशुअ उनन जो इयो विश्वास डि॒सी करे, उन रोगी॒अ खे चयईं, “हे दोस्तअ, तुंजा पापअ माफ़ थ्या।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جڏھن عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏٺو تہ بيمار کي چيائين تہ ”ادا، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.


ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، ائين چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿي گهم ڦر؟


۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو، تہ پٽ تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا.


۽ اُنهيءَ زال کي چيائين، تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.


۽ هن کي ضرورت ڪانہ هئي تہ انسان بابت ڪوبہ شاهدي ڀري؛ ڪيئن جو هن ڄاتو ٿي تہ انسان ۾ ڇا ڇا آهي.


ٿوري وقت کانپوءِ يسوع هن کي هيڪل ۾ گڏيو، ۽ چيائينس تہ ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿيو آهين: وري گناهہ نہ ڪج، متان هن کان بہ وڏي خرابي ٿئي ئي.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛


پر جنهن کي اوهين ڪنهن ڳالهہ جي معافي ٿا ڏيو؛ انهي کي آئون بہ معافي ٿو ڏيان. ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون ڪجهہ بہ معاف ڪيو آهي، تہ مسيح جي روبرو اوهان جي خاطر اهو معاف ڪيو اٿم.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ انهي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو؛ جهڙيءَ طرح ڪ خداوند اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ ڪريو؛


هائو، ڪو ماڻهو چوندو تہ تون ايمان ٿو رکين ۽ آئون عمل ٿو ڪريان: تون پنهنجو ايمان عمل کانسواءِ مون کي ڏيکار، ۽ آئون توکي پنهنجن عملن جي ڪري ايمان ڏيکاريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ