Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:17 - Sindhi Bible

17 ۽ اُنهي وقت هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو تعليم ويٺي ڏنائين، ۽ فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جي گليل ۽ يهوديہ جي هر ڪنهن ڳوٺ ۽ يروشلم مان آيا هئا: ۽ صحت ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت وٽس موجود هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هڪڙي ڏينهن يسوع ڪنهن گھر ۾ سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ نيم شاستري بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ پرميشور جي شڪتي يسوع سان گڏ هوندي هئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هڪڙي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن گھر ۾ تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان گڏ هوندي هئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

17 हिक डी॒ंह इंय थ्यो के येशु सिख्या ड॒ई रयो हो। फ़रीसी ऐं धर्म-शास्त्री उते वेठा हुवा। उहे गलील ऐं यहूदिया जे क्षेत्रन जे हर हिकअ नगरअ मां ऐं यरूशलेम शहेरअ मां आया हुवा। बीमारन खे ठीक करण जे लाए परमेश्वरअ जी सामर्थ येशुअ सां गड॒ हुई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


تنهن کانپوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ فقيهہ يسوع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ


پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.


۽ فقيهہ جي يروشلم کان آيا هئا، تن چيو، تہ هن ۾ بعلزبول آهي، ۽ هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.


۽ يڪدم يسوع اندر ۾ ڄاتو تہ مون مان قدرت نڪتي آهي. تڏهن گوڙ ۾ ڦري چيائين تہ ڪنهن منهنجن ڪپڙن کي هٿ لاتو؟


۽ فريسين ۽ فقيهن مان ڪي، جي يروشلم کان آيا هئا سي وٽس اچي گڏ ٿيا.


۽ فريسي توڙي فقيهہ سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هيءُ ماڻهو گنهگارن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ گڏ کائڻ ٿو ڏئي.


۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هنن هيڪل ۾ ڳولي اچي لڌس، جتي هو عالمن جي وچ ۾ ويٺو هو، ۽ سندن ڳالهيون بہ پئي ٻڌائين ۽ کانئن سوال بہ پئي پڇيائين:


تڏهن فقيهہ ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا، تہ هي ڪير آهي جو ڪفر ٿو بڪي؟ خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟


۽ فريسي ۽ سندن فقيهہ، سندس شاگردن تي ڪُرڪي چوڻ لڳا تہ اوهين ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿا کائو پيئو؟


۽ سڄي ميڙاڪي جي مرضي هئي تہ هن کي هٿ لائيون، ڇالاءِ جو منجهانئس قدرت پئي نڪتي، ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.


پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن جو کانئس بپتسما نہ ورتي، تنهنڪري پنهنجي نسبت خدا جي ارادي کي رد ڪيائون.


پر يسوع چيو تہ ڪنهن تہ مون کي هٿ لاتو آهي، ڇوتہ مون سهي ڪيو تہ قدرت مون مان نڪتي آهي.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ تون اسرائيل جو اُستاد آهين ۽ پوءِ بہ اهي ڳالهيون نٿو سمجهين؟


پر جيڪو سچ تي ٿو هلي، سو روشنائيءَ ۾ ٿو اچي تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جو اُهي خدا جي مرضيءَ موجب ڪيل آهن.


۽ خدا پولس جي هٿان خاص معجزا ڏيکاريندو هو،


۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين.


پر گملي ايل نالي هڪڙو فريسي، جو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت وارو هو، تنهن مجلس ۾ اُٿي حڪم ڏنو تہ هنن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ