Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:14 - Sindhi Bible

14 تڏهن تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنهن سان بہ چپ نہ چورج، پر وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار، ۽ موسيٰ جي حڪم موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ نذرانو ڏي، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پوءِ يسوع کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

14 येशुअ उन खे चिताए करे चयईं, “इन जे बारे में केंखे कुछ बी न बु॒धाएजें परअ वञ पहेरयों पांजे पाण खे याजकअ खे वञी डे॒खार, के उहो तुंजी जांचअ कन ऐं पाण सां गड॒ कोढ़अ मां शुद्ध थ्यण जो चढ़ावो जेको मूसा नक्‍की कयो आहे, खणी वञी चढ़ाए ताकि मांणुन खे खबरअ पए के तूं शुद्ध थी वयो आईं।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بت جي کل تي سوڄ يا ڏڍ يا ڪو چمڪندڙ داغ ٿئي، ۽ اُهو سندس بت جي کل تي ڪوڙهہ جو مرض ٿي پوي، تہ انهي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽن، جي ڪاهن آهن، تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي:


جيڪڏهن مرض جو داغ ڪپڙي ۾، يا چم ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾، سائيرو يا ڳاڙهيرو هجي؛ تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، ۽ ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛


هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ تاڪيد ڪيائين تہ منهنجي بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو:


۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.


تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي.


۽ چيائينس تہ ڏسج، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي: پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ اُهي شيون نذر چاڙهہ، جن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي.


هنن کي ڏسي چيائين، تہ وڃو ۽ وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکاريو. ۽ هيئن ٿيو، تہ اُهي ويندي ويندي ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيا.


۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري، کيس هٿ لائي چيو تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ، ۽ يڪدم ڪوڙهہ لهي ويس.


۽ جيڪي بہ ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ اُنهي شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ مٿن شاهدي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ