Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، ۽ خدا جو ڪلام پئي ٻُڌائون، تڏهن هو گنيسرت واري ڍنڍ وٽ بيٺو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هڪڙي دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جون ڳالهيون ٻڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ خدا جون ڳالهيون ٻڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

1 हिक डीं॒ह जड॒ऐं येशु गन्नेसरेत जी झील जे किनारे ते बीठो हुयो, त उते वडी॒ भीड़अ परमेश्वरअ जो वचन बु॒धण जे लाए हुन जे मथां किरी रई हुई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھڪڙي دفعي جڏھن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو ھو تہ ماڻھن جا ميڙ مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا، انھيءَ لاءِ تہ خدا جو ڪلام ٻڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:


۽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهت تي زبردستي پيئي ٿئي، ۽ زبردست ماڻهو اُنهيءَ کي زور سان ٿا وٺن.


۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن لهي گنيسرت جي علائقي ۾ آيا.


۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ گوڙ جي ڪري هڪڙي ننڍي ٻيڙي منهنجي لاءِ تيار بيٺي رهي تہ متان اُهي مون تي ڳاهٽ ٿين:


۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


تنهن تي هو ساڻس گڏجي ويو، ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان اُٿي هليو، ۽ ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.


۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن گنيسرت جي علائقي ۾ اچي لٿا، ۽ ڪناري تي اچي پڳهہ هنيائون.


انهي وچ ۾ جڏهن هزارين ماڻهو اچي مڙيا، ايتري قدر جو هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، تڏهن پهريائين پهريائين پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ فريسين جو خمير، جو رياڪاري آهي، تنهن کان سنڀالجو.


۽ ڍنڍ جي ڪپ تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺائين: ۽ ماڻهن منجهانئن لهي پنهنجا ڄار پئي ڌوتا.


۽ انهن ڏينهن ۾ هڪڙي ڀيري هيئن ٿيو، تہ هو پاڻ ۽ سندس شاگرد ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون: ۽ اهي ٻيڙي ڇوڙي اُٿي هليا.


۽ اڃا پئي ويا تہ هن کي ننڊ اچي ويئي: ۽ ڍنڍ تي ڏاڍو واءُ اچي ڇٽڪيو؛ ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي، سو اُهي جان جي جوکي ۾ هئا.


پوءِ ڀوت اُنهي ماڻهوءَ مان نڪري وڃي سوئرن ۾ پيا، ۽ اُهو ڌڻ اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو، ۽ ٻُڏي مُئو.


تڏهن يسوع چيو تہ مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟ پوءِ جڏهن سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا، تڏهن پطرس ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن چيو، تہ سائين ميڙاڪا توتي ڳاهٽ پيا ٿين، ۽ توتي پيا ڪِرن.


جن ٻن ڄڻن يوحنا جي ڳالهہ ٻُڌي هئي، ۽ سندس پٺيان آيا هئا، تن مان هڪڙو اندرياس، شمعون پطرس جو ڀاءُ هو.


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل جي سمنڊ، يعني تبرياس جي ڍنڍ جي پرئين ڀر هليو ويو.


۽ آرباہ، ۽ يردن ۽ انهيءَ جي سرحد؛ ڪنرت کان وٺي آرباہ جي سمنڊ، يعني کاري سمنڊ تائين، جو اُڀرندي ۾ پسگاهہ جي سلامين تائين پکڙيل آهي، سو سڀ مون انهن کي ڏنو.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو.


۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي:


۽ واديءَ ۾ بيت هارم ۽ بيت نمرہ، ۽ سڪاٿ ۽ صفون، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت، يردن جي ڪناري تائين، ۽ ڪنرٿ جي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تائين، جو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ