Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:8 - Sindhi Bible

8 يسوع وراڻي ڏيئي چيس تہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي ئي جي عبادت ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 تنهن تي يسوع ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو پرميشور پنهنجي ايشور آڏو سيس نواءِ ۽ رڳو انهيءَ جي ئي ڀڳتي ڪر.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

8 येशुअ उन खे चयईं, “पवित्रशास्त्र में इयो लिख्यल आहे, ‘तूं रुगो॒ पांजे प्रभु परमेश्वरअ जे अग॒यां सीस नवाए ऐं आराधना कर; ऐं हुन जी ही सेवा कर’।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’تون رڳو خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حزقياہ خداوند جي حضور مان دعا گهري، ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين سو ئي فقط زمين جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين؛ تو آسمان ۽ زمين جوڙيا آهن.


تہ اهي سمجهن تہ رڳو تون، جنهن جو نالو يهوواہ آهي، سو ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي.


تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“


تڏهن يسوع وراڻي ڏنيس، تہ لکيل آهي، تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نٿو جيئي.“


سو جي تون منهنجي اڳيان سجدو ڪرين تہ هيءُ سڀ تنهنجو ٿيندو.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تنهنڪري خدا جي تابع ٿيو؛ شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.


پنهنجي ايمان تي قائم رهي، سندس مقابلو ڪريو، ڇوتہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جا ڀائر، جي دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙن ڏکن ۾ پيا گذارين.


۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.


۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.


۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ