Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:41 - Sindhi Bible

41 ۽ ڪيترن مان ڀوت پڻ نڪتا، جن واڪو ڪري پئي چيو تہ تون خدا جو فرزند آهين. پر هن دڙڪو ڏيئي ڳالهائڻ کان روڪين: ڇالاءِ جو اُنهن کي خبر هئي تہ هو مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر عيسيٰ انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

41 ऐं डा॒ढन हीं मांणुन मां दुष्‍टआत्माऊं इंय रड़ियूं कंदे निकत्यूं, “के तूं परमेश्वरअ जो पुट आईं।” परअ येशुअ उनन खे दड़को डि॒नईं ऐं उनन खे गा॒लाएण न डि॒नईं, छोके उहे हुन खे सुञारींदियूं हुयूं, के उहो मसीह आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:41
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون.


۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن گهڻن ئي کي وٽس وٺي آيا جن ۾ ڀوت هئا، ۽ هن هڪڙي حرف سان اُهي ڀوت ڪڍيا، ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين:


۽ ڏسو، هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي ابنِ خدا، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو؟ تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين ڇا؟


۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.


پر يسوع دڙڪو ڏيئي چيس، تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري وڃ.


۽ شام جو جڏهن سج لٿو، تڏهن مريضن ۽ ڀوتاريلن کي هن وٽ وٺي آيا:


۽ ڪيترا ماڻهو جي طرح طرح جي مرضن ۾ گرفتار هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترن جا ڀوت ڪڍيائين؛ ۽ انهن ڀوتن کي ڳالهائڻ نٿي ڏنائين، جو هو کيس سڃاڻندا هئا.


۽ جڏهن ڀوت کيس ڏسندا هئا، تڏهن اڳيانس ڪِري رڙيون ڪري چوندا هئا، تہ تون خدا جو فرزند آهين.


تڏهن هو اُنهيءَ وٽ اچي بيٺو، ۽ تپ کي جهڻڪيائين، تہ تپ ڇڏي ويس، ۽ هوءَ اُمالڪ اُٿي کڙي ٿي، ۽ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


تنهنجو ايمان آهي تہ خدا هڪڙو آهي، سو چڱو ٿو ڪرين؛ بدروحن کي بہ اهڙو ايمان آهي ۽ ڏڪن پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ