Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:36 - Sindhi Bible

36 ۽ سڀني کي عجب لڳو، ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙو ڪلام آهي؟ ڇالاءِ جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي، ۽ اُهي نڪريو اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ شڪتيءَ سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

36 इयो डि॒सी सब ज॒णा ताजुब करे हिकअ बे॒ खे चवण लगा॒, “इया केड़ी सिख्या आहे? हे त अधिकार ऐं सामर्थअ सां गड॒ दुष्‍टआत्माउन खे बी हुकुम तो डे॒ ऐं उहे मांणुन मां निकरी त्यूं वञन।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِ⁠جو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:36
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هن ڀوت ڪڍيو، تڏهن خلق عجب ۾ پئجي چوڻ لڳي تہ اسرائيل ۾ اڳي ائين ڪونہ ڏسڻ ۾ آيو.


تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.


۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.


۽ جيڪي ڳالهيون ريڍارن ڪيون، سي ٻڌي سڀني کي تعجب وٺي ويو.


۽ اُهي سندس تعليم ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويا، ڇالاءِ تہ هن جو ڪلام اختياريءَ سان هو.


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ